مزدورن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان پورهيتن جي عظمت کي سلام پيش ڪرڻ لاء گورنمنٽ هاء اسڪول هنڱورنو پاران بروز ڇنڇر صبح 9:00 وڳي ريلي ڪڍي وينديي ۔ اوهان سڀني باشعور فردن کي دل سان دعوت ڏجي ٿي ۔ ريلي ۾ شريڪ ٿي اسان سان گڏ هجڻ جو ثبوت ڏيو ۔ هنگورنو نيوز ، سنڌڙي نيوز سميت ميڊيا سان تعلق رکندڙ ساٿين کي خاص طور رپورٽ ڪرڻ جي گذارش آهي ۔ سماج ۾ بهتر تبديلي جي سفر ۾ اسان جي سگهه بڻجو
Thursday, 28 April 2016
اسان ملڪ مان ڪرپشن ختم ڪرڻ جي لاء نڪتا آھيون:شاھ محمود قريشي
پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ غوثيه جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم شاھ محمود قريشي چيو ته مون اک کولڻ سان ئي پنهنجي گهر ۾ سنڌي ٽوپي ۽ سنڌي اجرڪ ڏٺي جنهن سان اندازو ٿيو ته اسان جا بزرگ ۽ وڏا به سنڌ ۽ سنڌين جا عاشق هئا سنڌي قوم بهادر ۽ سچي آهي منهنجو سنڌي قوم سان تعلق ريڙھ جي هڏي جيان آهي هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته مان غوثيه جماعت ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف کي هڪ ئي جماعت سمجهان ٿو منهنجا مريد سڀ پي ٽي آئي سان گڏ آهن اسان ملڪ مان ڪرپشن ختم ڪرڻ لاء سنڌ ۾ نڪتا آهيون ۽ جنهن طريقي سان سنڌ جي ماڻھن پيار ۽ محبت ڏئي جهر جهنگ ۽ هر ننڍي وڏي شهر ۾ هزارن جي تعداد ۾ گڏ ٿي آڌر ڀاء ڪيو آھي ان مان لڳي ٿو ته هتي جا ماڻھو به تبديلي چاهين ٿا ڇاڪاڻ جو ملڪ ٺھڻ کان وٺي اڄ تائين مخصوص خاندانن واري وٽي سان حڪمراني ڪري قوم ۽ ملڪ کي لٽيو آهي اهو ئي سبب آهي جو هاڻي عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي جيڪو تبديلي چاهي ٿو هن هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چيو ته پاناما ليڪس عوامي اشو ٿي چڪو آهي ان ڪري ان جي لپيٽ ۾ ايندڙ پاڻ کي صفائي لاء پيش ڪن ڳالھ ٻولھ دوران شاھ محمود قريشي ٻڌايو ته اسان ڪرپشن جي خلاف آهيون جنهوريت جي خلاف هر گز ناهيون حڪومت چاهي ڪنهن جي به هجي جنهوريت جو دفاع ڪنداسين پر ڪرپشن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين هن چيو ته مان وزير خارجه هئڻ ڪري ملڪي سرحدن جي صورتحال بابت پڻ با خبر آهيان ڳالھ ٻولھ دوران پي ٽي آئي جو صوبائي اڳواڻ گل محمد رند پڻ موجود هو
Wednesday, 27 April 2016
گرنمينٽ ھاء اسڪول هنڱورنو ۾، ”ٻانهن ٻيلي“ تنظيم جي تعاون سان ”ننڍي عمر جي شادي جا فائدا ۽ نقصان“ جي موضوع تي تقريري مقابلو ڪرايو ويو. شاگردن موضوع تي پنهنجن خيالن جو اظھار ڪيو
گرنمينٽ ھاء اسڪول هنڱورنو ۾، ”ٻانهن ٻيلي“ تنظيم جي تعاون سان ”ننڍي عمر جي شادي جا فائدا ۽ نقصان“ جي موضوع تي تقريري مقابلو ڪرايو ويو. شاگردن موضوع تي پنهنجن خيالن جو اظھار ڪيو.
مقابلي ۾ پهرين پوزيشن فيصل ڪنڀر، ٻي حسين بخش پٺاڻ ۽ ٽين پوزيشن هادي بخش سولنگي حاصل ڪئي، شاگردن ۾ انعامات ۽ سرٽيفڪيٽ تقسيم ڪيا ويا.
شفيق الرحمٰن بروهي تلاوت ڪئي، جڏھن تہ ساجن صوفي گيت ٻڌايا.
ٻانهن ٻيلي سٿ پاران دوستن محمد بخش ڪپري، علي حسن نون ۽ انجم شھزادي شرڪت ڪئي.
تقريب کي هيڊ ٽيچر غلام فاروق بروهي، محمد بخش ڪپري، علي حسن نون ۽ عبدالله مري خطاب ڪيو جڏھن تہ اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض حسيب ڪانهيون ادا ڪيا
اسلام آباد پوليس مدرسي جي جهڙتي دوران هٿيار ملڻ تي لال مسجد جي نائب خطيب کي گرفتار ڪري ورتو
اسلام آباد:اسلام آباد پوليس مدرسي جي جهڙتي دوران هٿيار ملڻ تي لال مسجد جي نائب خطيب کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس مطابق لال مسجد جي خطيب عامر صديقي کي ان مهل گرفتار ڪيو ويو، جڏهن باره ڪهو ٿاڻي ويجهو هڪ مدرسي ۾ جهڙتي دوران 3 ڪلاشنڪوفون هٿ آيون، پوليس مطابق عامر صديقي جي سرپرستي ۾ هلندڙ اهو مدرسو هڪ خانگي اسڪول جي جاءِ تي قائم ڪيو ويو هو، جڏهن عامر صديقي هٿيارن جا لائسنس ڏيکارڻ ۾ ناڪام ويو ته کيس گرفتار ڪري ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو، جتي ٿوري دير کانپوءِ ڪجهه ماڻو هٿيارن جا لائسنس کڻي پهتا ۽ ان کانپوءِ عامر صديقي کي آزاد ڪيو ويو، جڏهن ته لائسنس پوليس تصديق لاءِ پنهننجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيا،ان سلسلي ۾ لال مسجد شهداءِ فائونڊيشن جي ترجمان گرفتاري جي تصديق ڪندي چيو ته صديقي صاحب جي گرفتاري جو ڪارڻ ان جي ملڪيت 3 ڪلاشنڪوفون هٿ اچڻ هو، سندس اهو به چوڻ هو ته آپريشن سڄي بارا ڪهو ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ عامر صديقي جو گهر به شامل هو، ترجمان مطابق اسان جڏهن رينجرز جي ترجمان سان ڳالهايو ته هن پڪ ڏياري ته عامر صديقي کي آزاد ڪيو ويندو، هن ٻڌايو ته عامر صديقي جي ويجهي ساٿي ڊاڪٽر عابد اورڪزئي ٿاڻي تي وڃي سندس ضمانت ڪرائي، ذريعن مطابق سيڪيورٽي فورسز پاران باره ڪهو جي علائقي مدينا ٽائون،ميرا بيگوال، اٿل ۽ پي ٽي وي ڪالوني ۾ به سرچ آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران ڪجهه افغانين سوڌو 54 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.
Tuesday, 26 April 2016
سانوڻ راڄڙ جي اسپيشل رپورٽ
حُرَجَمائتَ جو پيرين پنڌ قافلو جيڪو سرنواري ڳوٺ قاضي فيض محمدراڄڙ ٽنڊومٺاخان ڳوٺ محمدبچل راڄڙ کان ٽي ڏينھن اڳ پيرجو ڳوٺ ڏانهن روانوٿيو هو سو پڌريو تي پهچي ويو آھي ان قافلي جي اڳواڻي فقيرعاقل راڄڙ ڪري رهيوآھي فقيرعاقل راڄڙ هنڱورنو نيوزسان ڳالهائندي چيوت اسين انشاءالله24 رجب تي درگاه شريف پيرجوڳوٺ پهچي وينداسين.
رپورٽ:-سانوڻُ راڄڙ
يورپ جي ملڪن ۾ دھشتگردن جي نئين لھر شروع.تفصيل جي لاءِ ھن لنڪ تي ڪلڪ ڪريو
لنڊن:يورپي ملڪن ۾ دهشتگرد حملن جي نئين لهر شروع ٿي آهي،جنهن ۾ هزارن جي انگ ۾ جوان مارجي ويا آهن.11 سيپٽمبر 2001ع ۾ آمريڪا ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر پينٽاگون ۽ پنسلوانيا ۾ دهشتگرد حملن سبب ٽي هزار شهري مارجي ويا.يارنهن مارچ 2004ع ۾ اسپين جي شهر ميڊرڊ ۾ ڌمڪان جي نتيجي ۾ اجل جو شڪار ٿيندڙن ۾ هڪ سئو 90 ماڻهو مارجي ويا.جولاءِ 2005ع ۾ لنڊن ۾ ٽرين ۽ هڪ بس جي ٽڪر ۾ 92 شهري فوت ٿيا،24 مئي 2014ع ۾ بيلجم جي شهر برسلز جي ميوزم ۾ دهشتگرد حملي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا.جڏهن ته 14 نومبر 2015ع تي فرانس جي شهرپيرس ۾ فائرنگ ۽ آپگهاتي ڌماڪن ۾ هڪ سئو 27 ڄڻا گولين جو کاڄ بڻجي ويا،جڏهن ته ڪارروائي ۾ 8 حملو ڪندڙ به ماريا ويا.
Thursday, 21 April 2016
سنڌھ جي زمينن مان.جنم وٺندڙ ڪلر ۽ سم
سنڌھ جون سون جھڙيون زمينون ڪلر ۽ سم جي ور چڙيل…………!!
شھباز خان شر
ڪجھ وقت ۾ سنڌھ جي زمينن کي سون پيدا ڪنڌڙ زمينون سڏيو ويندو ھو.پر ھن وقت سون ڏيندڙ زمينن مان ڪلر ۽ سم جنم ورتو آھي.
سم ۽ ڪلر زمينن کي تباھ ڪري سنڌھ جي آبادگارن جون دليون.ساڙي ڇڏيون آھن ھتان جي آبادگارن جو گذر سفر سڀ زمينن تي ھوندو ھو.پر ھاڻي واچارا.مٿي تي ھٿ ڏنيون پريشاني جي حالت ۾ گھر ويٺا آھن.
منھنجي چوڻ جو مقصد صرف اھو آھي تہ سنڌھ حڪومت آبادگارن کي اھڙا ڪيميڪل ٻاھرين ملڪن مان گھرائي ڏيي جيڪي سنڌھ جي زمينن مان سم ۽َڪلر کي ختم ڪرن