Wednesday, 13 April 2016

حر جماعت جي تاريخ………!!!

حر تحريڪ جو پسِ منظر


پهرين حر ڇاپا مار جنگ 1880ع واري ڏهاڪي ۾ شروع ٿي هئي. تن ڏينهن ۾ هن ويڙه جو مهندار بچو بادشاه هو. هن ڊگھي ويڙه کان پوءِپنهنجي گرفتاري پيش ڪئي هئي. جان ڪورٽ ڪيري پنهنجي يادگيرين ۾ لکيو آهي، ته هن ۽ سندس نائب عيسى لاءِ موت جي سزا جو فيصلو ڪيو ويو هو. بعد ۾ کين سانگھڙ ۾ ڦاهي چاڙهيو ويو. جيڪو سندن ڪيل ڪارواين جو مرڪز هو. افسوس جي ڳالھ آهي جو انتظاميه هنن جي لاشن کي ڳجھو دفن ڪري ڇڏيو هو. سر ائڊمنڊ ڪاڪس بارٽ انهيءَ زماني ۾ شڪارپور جو ايس پي هو جنهن کي پوءِ حيدرآباد جو ايس پي مقرر ڪيو ويو هو ۽ آخرڪار هو سنڌ جو پهريون ڊي آءِ جي پوليس به مقرر ٿيو. هن ”پوليس ائنڊ ڪرائيم ان انڊيا“ جي عنوان سان هڪ ڪتاب لکيو هو جيڪو 1910ع ۾ شايع ٿيو هو. مذڪورھ ڪتاب ۾ هن تسليم ڪيو آهي، ته جيڪڏهن هنن ٻنهي ماڻهن جون قبرون جوڙيون وڃن ها، ته اهو ماڳ حرن لاءِ هڪ زيارت گاه بڻجي پوي ها.

سيد شاه مردان شاه اول ڪوٽ ڌڻي رحمة الله عليہ جن 1921ع ۾ وفات ڪئي. جيڪو هن سلسلي جو پنجون پاڳارو هو. ان کان پوءِ سندس فرزند سيد صبغة الله شاه ثاني ”سورهيه بادشاه“ رحمة الله عليه ڇهين پيرپاڳاري جي حيثيت ۾ گادي تي ويٺو، جنهن جي ان وقت عمر فقط ٻارنهن ورهيه هئي. 1920ع واري ڏهاڪي جي پوئين اڌ ۾ سيد صبغة الله شاه ۽ انتظاميه وچ ۾ ويڇا وڌي ويا. پيرصاحب پاڳارو نهايت بهادر ۽ ارڏو انسان هو. تنهن ڪري هن ۽ انتظاميه وچ ۾ موجود تعلقات نهايت خراب ٿي چڪا هئا. پيٽرمين جهڙن نـقادن پڻ حقيقت قبول ڪئي آهي، ته سيد صبغة الله شاه رحمة الله عليه جي شخصيت ۾ هڪ وقار ۽ شان هو جو حر تحريڪ سندن حڪم تي اکيون ٻوٽي سر ترين تي رکي عمل ڪندا هئا. ڪمشنر هن جي بندوقن جا ليسن رد ڪرڻ جو حڪم ڪيو هو. ان کان پوءِ 1930ع ۾ بنا لائيسنس هٿيار رکڻ جي ڏوه ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو.ان کان سواءِ مٿس اغوا ۽ قتل جا الزام به مڙهيا ويا هئا. 28 آگسٽ 1930ع تي سکر جي سٽي مئجسٽريٽ مسٽر اڌارام انڊين پينل ڪوڊ جي فقري 344 ۽ 346 هيٺ ۽ آرمس ايڪٽ جي ڏوه ۾ ابراهيم نالي ڇوڪري کي صندوق ۾ بند رکڻ جي الزام ۽ بيشمار هٿيارن ۽ بارود رکڻ جي ڏوه ۾ کيس اٺن (8) سالن جي سزا ٻڌائي هئي پر مٿس قتل وارو الزام ثابت ٿي ڪونه سگھيو هو.

ان کان پوءِ پيرصاحب کي رتناگري جيل ۾ رکيو ويو هو. هن ڪجھ وقت مدنا پور ۽ علي پور جي جيلن ۾ پڻ گذاريو هو.

8 مئي 1942ع تي سنڌ جي ڪمشنر جي گھرو کاتي ڪراچي طرفان پيرصاحب جي اهل و عيال خلاف حڪم جاري ڪيو ويو جنهن ۾ پيرسائين جن جا پاڪ ٻه فرزند سڪندر علي شاه ۽ نادر علي شاه ۽ پيرصاحب جون ٻه ڀينرون سندس خاص ٻانهي ۽ گھر جون چار نوڪرياڻيون شامل هيون. حڪم نامي تي سي بي سي ڪلي جي صحيح هئي جيڪو ان وقت سنڌ سرڪار جو چيف سيڪريٽري هو. ليٽر جا لفظ هن ريت آهن.

”ڊفينس آف انڊيا جي قانوني ضابطي 26 جي شق (ڊي) جي ماتحت فقري (1) هيٺ مليل اختيارين مطابق هنن کي عوامي امن امان جو دشمن سمجھندي مان کين واءِ ايم سي اي سامهون مير خدابخش جي بندر روڊ واري بنگلي ۾ ٻئي حڪم جاري ٿيڻ تائين نظربند ڪيان ٿو.“

اهو دنيا جي ٻي عظيم جنگ وارو زمانو هو. ڪراچيءَ کان لاهور ۽ اتان کان اتر اولهه هندستان ڏانهن ويندڙ مکيه ريلوي حد ايراضين مان گذرندي هئي. ان وقت جي سامراجي حڪومت اهو ڪو نه پي چاهيو، ته ريلوي پٽڙيءَ جي ويجھو ڪي اهڙيون وڳوڙي حالتون موجود هجن. ڇاڪاڻ ته هن وسيلي فوجي سامان هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه ڏانهن روانو ٿي رهيو آهي. سندن نقطئه نظر کان اهڙيون ڪاروايون ڪري جنگي مقصدن کي هاڃو رسي ها. ليفٽينينٽ مولسورٽ حر گوريلا ويڙهاڪن واري علائقي ۾ ڪرفيو نافذ ڪري ڇڏيو. اپريل 1942ع ۾ اعلان ڪيائين ته حرن ڊڄي ريلوي پٽڙيءَ يا ان جي اوسي پاسي پنهنجون ڇاپا مار ڪاروايون ڍريون ڪري ڇڏيون آهن ۽ اسٽيشن جي اٽالي سان ڪابه ڏاڍائي ڪونه ٿاڪن. مئي مهيني ۾ هنن 7-UP لاهور ميل کي اڏيرو لعل ۽ ٽنڊي آدم جي وچ تي ڪيرائي وڌو. بيرج جو جي عنوان سان 1967ع ۾ هڪ ڪتاب شايع ٿيو آهي جنهن ۾ هن مذڪورھ واقعي جو ڪجھ تفصيل بيان ڪيو آهي. هو ٻڌائي ٿو، ته ان وقت جي سنڌ جي وزيرِ داخله سر غلام حسين هدايت الله جو پٽ مسٽر منور ان ريل حادثي دوران قتل ڪيو ويو هو. 18 مئي 1942ع جي ”بامبي ڪرانيڪل“ جي خبر آهي، ته روينيو جي وزير مسٽر وزيراڻي ريل جي گاڏي جي برٿ هيٺان لڪي پاڻ بچايو هو. سول ائنڊ ملٽري گريٽ جو بيان آهي، ته اهڙو خطرناڪ واقعو سنڌ ۾ اڳي ڪڏهن به رونما ڪونه ٿيو هو ۽ ان واقعي جو سنئون سڌو الزام ڇاپا مار حرن تي هنيو ويو. هن واقعي بابت اليسٽرر مئڪيث جو بيان به آهي جيڪو هن کان اڳ فرنٽيئر ڪنسٽيبلري جو اعلى عملدار هو. هن پنهنجي يادگيرين ۾ مذڪورھ حادثي جا پڻ تفصيل ڏنا آهن. سندس بيان آهي، ته هن ريل حادثي ۾ 24 مسافر مري ويا هئا جڏهن ته 32 مسافرن کي حرن ڪهاڙين سان قتل ڪري

No comments:

Post a Comment