Monday 9 May 2016

رپورٽ؛شھباز خان شر~~• ٿرپارڪر ۾ ٻن مھينن اندر مري ويل مورن جو تعداد 130ٿي ويو.پر حڪومت اڃا تائين ڪوبہ نوٽس نہ ورتو.www.onlineindusnews.com

رپورٽ؛شھباز خان شر
ٿرپارڪر ۾ ٻن مھينن اندر مري ويل مورن جو تعداد 130ٿي ويو.پر حڪومت اڃا تائين ڪوبہ نوٽس نہ ورتو

سنڌ ۾ فطرت جو شاهڪار علائقو ٿر، پنهنجي فطري حُسن جي حوالي سان هڪ منفرد سڃاڻپ رکي ٿو. ٿر جون ڀِٽون، ترايون ۽ تاريخي ماڳَ، جتي ٿر جي فطري حُسن جو اُهڃاڻ آهن، اتي ٿر جا ناياب پکي ۽ جانور جن ۾ مور، تِتر، هَرڻ، روجهه، ٻاٽيٻڙ ۽ ٻيا ناياب پکي ۽ جانور ٿر جي فطري حسن جي علامت سمجهيا وڃن ٿا. ٿر جي جهنگلي جيوت ۾ خوبصورت پکي مور ٿر ۾ سونهن ۽ معصوميت جو اهڃاڻ تصور ڪيا وڃن ٿا. ٿر جي ريگستان واري علائقي ۾ مورن جو خوبصورت نسل دنيا ۾ ڪٿي به نٿو ملي. زهريلي نانگ بلائن جا ازلي دشمن سمجهيا ويندڙ مورَ، ٿر جي لوڪ ادب جو حصو به سمجهيا وڃن ٿا، ٿر جي خطي جا سمورا گيت، همرچا ۽ راسوڙا لوڪ ادب جو حصو آهن، ٿر جي لوڪ ادب ۾ مورن تي تشبيهون پڻ شامل آهن، شيخ اياز کان وٺي سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن، ٿر جي وسڪارن، ميگهه ملهار جي منظرن، مورن جي سونهن ۽ سندرتا کي پنهنجي شاعريءَ ۾ سموئي ٿر جي فطري حُسن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ محفوظ ڪيو آهي، مور ۽ ميگها رُتَ جو پاڻ ۾ گهرو سنگم هوندو آهي، جڏهن ٿر ۾ برسات وسندي آهي، ته مور خوشيءَ وچان رقص ڪري پنهنجي ڌرتيءَ کي سونهن ارپيندا آهن. ڪجهه عرصي کان ٿر جي مورن تي موت جو راڪاس لامارا ڪري رهيو آهي ۽ ٿر ۾ مورن جي مرڻ جو سلسلو هن سال به جاري آهي. گذريل ٻن مهينن دوران لڳ ڀڳ 115 مور مري ويا آهن پر سرڪاري ادارن پاران ٿر جي مورن جي علاج لاءِ ڪي به سنجيده ڪوششون نه ٿي سگهيون آهن. وائلڊ لائيف کاتي جي لاپرواهيءَ سبب ٿر جي ڳوٺ ۾ مورن جي علاج لاءِ ڪئمپون قائم نه ڪيون ويون آهن. هي عجيب منطق آهي جو گذريل سال راني کيت جي بيماريءَ سبب سوين مور مري ويا پر جهنگلي جيوت کاتي جي عملدارن پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ غلط بيانيءَ کان ڪم ورتو پر مورن جي علاج لاءِ ڪي سنجيده ڪوششون نه ورتيون. هن سال به جهنگلي جيوت کاتي جا آفيسر ۽ وزير پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ غلط بيانيءَ کان ڪم وٺي رهيا آهن ۽ ميڊيا ۾ نشاندهي ٿيل انگن اکرن کي ڪنهن به ريت مڃڻ لاءِ تيار ناهن. جڏهن ٿر ۾ مورن جي مرڻ جون خبرون ميڊيا تي اينديون آهن، ته هر سال ائين ٿيندو آهي، ته جهنگلي جيوت کاتي جا وزير ۽ آفيسر ٿر جي ڳوٺن جا روايتي دورا ڪري واپس هليا ويندا آهن پر عملي طور تي مورن جي علاج لاءِ ڪي به ڪوششون نه ٿينديون آهن، ٿر ۾ جتي مور راني کيت جي بيماريءَ وسيلي مرن پيا، ته اُتي ٿر ۾ جهنگلي جيوت جي نسل ڪشي پڻ معمول بڻيل آهي. موجوده صورتحال ۾ وڏي ذميواري سنڌ سرڪار تي ٿئي ٿي، ته هو جهنگلي جيوت کاتي جي ڪارڪردگيءَ جو نوٽيس وٺندي، حقيقت جي روشنيءَ ۾ ٿر جي مورن کي بچائڻ لاءِ عملي قدم کڻي ۽ مورن جي مرڻ واري تعداد ۾ گهٽ وڌ انگن اکرن ۾ الجهڻ بجاءِ مورن جي بيماريءَ تي ضابطو آڻڻ لاءِ ضروري وسيلا ڪتب آڻي.

Thursday 28 April 2016

مزدورن جي ڏينھن تي ھاءِ اسڪول ھنڱورنو طرفان ھنڱورنو شھر ۾ ريلي ڪڊي ويندي.سڀني دوستن کي شرڪت جي اپيل……!!!

مزدورن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان پورهيتن جي عظمت کي سلام پيش ڪرڻ لاء گورنمنٽ هاء اسڪول هنڱورنو پاران بروز ڇنڇر صبح 9:00 وڳي ريلي ڪڍي وينديي ۔ اوهان سڀني باشعور فردن کي دل سان دعوت ڏجي ٿي ۔ ريلي ۾ شريڪ ٿي اسان سان گڏ هجڻ جو ثبوت ڏيو ۔ هنگورنو نيوز ، سنڌڙي نيوز سميت ميڊيا سان تعلق رکندڙ ساٿين کي خاص طور رپورٽ ڪرڻ جي گذارش آهي ۔ سماج ۾ بهتر تبديلي جي سفر ۾ اسان جي سگهه بڻجو

اسان ملڪ مان ڪرپشن ختم ڪرڻ جي لاء نڪتا آھيون:شاھ محمود قريشي

پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ غوثيه جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم شاھ محمود قريشي چيو ته مون اک کولڻ سان ئي پنهنجي گهر ۾ سنڌي ٽوپي ۽ سنڌي اجرڪ ڏٺي جنهن سان اندازو ٿيو ته اسان جا بزرگ ۽ وڏا به سنڌ ۽ سنڌين جا عاشق هئا سنڌي قوم بهادر ۽ سچي آهي منهنجو سنڌي قوم سان تعلق ريڙھ جي هڏي جيان آهي هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته مان غوثيه جماعت ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف کي هڪ ئي جماعت سمجهان ٿو منهنجا مريد سڀ پي ٽي آئي سان گڏ آهن اسان ملڪ مان ڪرپشن ختم ڪرڻ لاء سنڌ ۾ نڪتا آهيون ۽ جنهن طريقي سان سنڌ جي ماڻھن پيار ۽ محبت ڏئي جهر جهنگ ۽ هر ننڍي وڏي شهر ۾ هزارن جي تعداد ۾ گڏ ٿي آڌر ڀاء ڪيو آھي ان مان لڳي ٿو ته هتي جا ماڻھو به تبديلي چاهين ٿا ڇاڪاڻ جو ملڪ ٺھڻ کان وٺي اڄ تائين مخصوص خاندانن واري وٽي سان حڪمراني ڪري قوم ۽ ملڪ کي لٽيو آهي اهو ئي سبب  آهي جو هاڻي  عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي جيڪو تبديلي چاهي ٿو هن هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چيو ته پاناما ليڪس عوامي اشو ٿي چڪو آهي ان ڪري ان جي لپيٽ ۾ ايندڙ پاڻ کي صفائي لاء پيش ڪن ڳالھ ٻولھ دوران شاھ محمود قريشي ٻڌايو ته اسان ڪرپشن جي خلاف آهيون جنهوريت جي خلاف هر گز ناهيون حڪومت چاهي ڪنهن جي به هجي جنهوريت جو دفاع ڪنداسين پر ڪرپشن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين هن چيو ته مان وزير خارجه هئڻ ڪري ملڪي سرحدن جي صورتحال بابت پڻ با خبر آهيان ڳالھ ٻولھ دوران پي ٽي آئي جو صوبائي اڳواڻ گل محمد رند پڻ موجود هو

Wednesday 27 April 2016

گرنمينٽ ھاء اسڪول هنڱورنو ۾، ”ٻانهن ٻيلي“ تنظيم جي تعاون سان ”ننڍي عمر جي شادي جا فائدا ۽ نقصان“ جي موضوع تي تقريري مقابلو ڪرايو ويو. شاگردن موضوع تي پنهنجن خيالن جو اظھار ڪيو

گرنمينٽ ھاء اسڪول هنڱورنو ۾، ”ٻانهن ٻيلي“ تنظيم جي تعاون سان ”ننڍي عمر جي شادي جا فائدا ۽ نقصان“ جي موضوع تي تقريري مقابلو ڪرايو ويو. شاگردن موضوع تي پنهنجن خيالن جو اظھار ڪيو.
مقابلي ۾ پهرين پوزيشن فيصل ڪنڀر، ٻي حسين بخش پٺاڻ ۽ ٽين پوزيشن هادي بخش سولنگي حاصل ڪئي، شاگردن ۾ انعامات ۽ سرٽيفڪيٽ تقسيم ڪيا ويا.
شفيق الرحمٰن بروهي تلاوت ڪئي، جڏھن تہ ساجن صوفي گيت ٻڌايا.
ٻانهن ٻيلي سٿ پاران دوستن محمد بخش ڪپري، علي حسن نون ۽ انجم شھزادي شرڪت ڪئي.
تقريب کي هيڊ ٽيچر غلام فاروق بروهي، محمد بخش ڪپري، علي حسن نون ۽ عبدالله مري خطاب ڪيو جڏھن تہ اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض حسيب ڪانهيون ادا ڪيا

اسلام آباد پوليس مدرسي جي جهڙتي دوران هٿيار ملڻ تي لال مسجد جي نائب خطيب کي گرفتار ڪري ورتو


اسلام آباد:اسلام آباد پوليس مدرسي جي جهڙتي دوران هٿيار ملڻ تي لال مسجد جي نائب خطيب کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس مطابق لال مسجد جي خطيب عامر صديقي کي ان مهل گرفتار ڪيو ويو، جڏهن باره ڪهو ٿاڻي ويجهو هڪ مدرسي ۾ جهڙتي دوران 3 ڪلاشنڪوفون هٿ آيون، پوليس مطابق عامر صديقي جي سرپرستي ۾ هلندڙ اهو مدرسو هڪ خانگي اسڪول جي جاءِ تي قائم ڪيو ويو هو، جڏهن عامر صديقي هٿيارن جا لائسنس ڏيکارڻ ۾ ناڪام ويو ته کيس گرفتار ڪري ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو، جتي ٿوري دير کانپوءِ ڪجهه ماڻو هٿيارن جا لائسنس کڻي پهتا ۽ ان کانپوءِ عامر صديقي کي آزاد ڪيو ويو، جڏهن ته لائسنس پوليس تصديق لاءِ پنهننجي قبضي ۾  وٺي ڇڏيا،ان سلسلي ۾ لال مسجد شهداءِ فائونڊيشن جي ترجمان گرفتاري جي تصديق ڪندي چيو ته صديقي صاحب جي گرفتاري جو ڪارڻ ان جي ملڪيت 3 ڪلاشنڪوفون هٿ اچڻ هو، سندس اهو به چوڻ هو ته آپريشن سڄي بارا ڪهو ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ عامر صديقي جو گهر به شامل هو، ترجمان مطابق اسان جڏهن رينجرز جي ترجمان سان ڳالهايو ته هن پڪ ڏياري ته عامر صديقي کي آزاد ڪيو ويندو، هن ٻڌايو ته عامر صديقي جي ويجهي ساٿي ڊاڪٽر عابد اورڪزئي ٿاڻي تي وڃي سندس ضمانت ڪرائي، ذريعن مطابق سيڪيورٽي فورسز پاران باره ڪهو جي علائقي مدينا ٽائون،ميرا بيگوال، اٿل ۽ پي ٽي وي ڪالوني ۾ به سرچ آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران ڪجهه افغانين سوڌو 54 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.

Tuesday 26 April 2016

سانوڻ راڄڙ جي اسپيشل رپورٽ

حُرَجَمائتَ جو پيرين پنڌ قافلو جيڪو سرنواري ڳوٺ قاضي فيض محمدراڄڙ ٽنڊومٺاخان ڳوٺ محمدبچل راڄڙ کان ٽي ڏينھن اڳ پيرجو ڳوٺ ڏانهن روانوٿيو هو سو پڌريو تي پهچي ويو آھي ان قافلي جي اڳواڻي فقيرعاقل راڄڙ ڪري رهيوآھي فقيرعاقل راڄڙ هنڱورنو نيوزسان ڳالهائندي چيوت اسين انشاءالله24 رجب تي درگاه شريف پيرجوڳوٺ پهچي وينداسين.
رپورٽ:-سانوڻُ راڄڙ

يورپ جي ملڪن ۾ دھشتگردن جي نئين لھر شروع.تفصيل جي لاءِ ھن لنڪ تي ڪلڪ ڪريو

لنڊن:يورپي ملڪن ۾ دهشتگرد حملن جي نئين لهر شروع ٿي آهي،جنهن ۾ هزارن جي انگ ۾ جوان مارجي ويا آهن.11 سيپٽمبر 2001ع ۾ آمريڪا ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر پينٽاگون ۽ پنسلوانيا ۾ دهشتگرد حملن سبب ٽي هزار شهري مارجي ويا.يارنهن مارچ 2004ع ۾ اسپين جي شهر ميڊرڊ ۾ ڌمڪان جي نتيجي ۾ اجل جو شڪار ٿيندڙن ۾ هڪ سئو 90 ماڻهو مارجي ويا.جولاءِ 2005ع ۾ لنڊن ۾ ٽرين ۽ هڪ بس جي ٽڪر ۾ 92 شهري فوت ٿيا،24 مئي 2014ع ۾ بيلجم جي شهر برسلز جي ميوزم ۾ دهشتگرد حملي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا.جڏهن ته 14 نومبر 2015ع تي فرانس جي شهرپيرس ۾ فائرنگ ۽ آپگهاتي ڌماڪن ۾ هڪ سئو 27 ڄڻا گولين جو کاڄ بڻجي ويا،جڏهن ته ڪارروائي ۾ 8 حملو ڪندڙ به ماريا ويا.

Thursday 21 April 2016

سنڌھ جي زمينن مان.جنم وٺندڙ ڪلر ۽ سم

سنڌھ جون سون جھڙيون زمينون ڪلر ۽ سم جي ور چڙيل…………!!
شھباز خان شر

ڪجھ وقت ۾ سنڌھ جي زمينن کي سون پيدا ڪنڌڙ زمينون سڏيو ويندو ھو.پر ھن وقت سون ڏيندڙ زمينن مان ڪلر ۽ سم جنم ورتو آھي.
سم ۽ ڪلر زمينن کي تباھ ڪري سنڌھ جي آبادگارن جون دليون.ساڙي ڇڏيون آھن ھتان جي آبادگارن جو گذر سفر سڀ زمينن تي ھوندو ھو.پر ھاڻي واچارا.مٿي تي ھٿ ڏنيون پريشاني جي حالت ۾ گھر ويٺا آھن.
منھنجي چوڻ جو مقصد صرف اھو آھي تہ سنڌھ حڪومت آبادگارن کي اھڙا ڪيميڪل  ٻاھرين ملڪن مان گھرائي ڏيي جيڪي سنڌھ جي زمينن مان سم ۽َڪلر کي ختم ڪرن

ويسٽ انڊيز جو اوپنر پيءُ بڻجي ويو

بنگلور:جارح مزاج ويسٽ انڊيز ۽ رائل چيلينجرز بنگلور جو اوپننگ بيٽسمين ڪرس گيل پٽ جو پيءُ پڻجي ويو، سندس گهر واري پهرين ٻار کي جنم ڏنو آهي، ڪرس گيل پٽ جي پيدائش سبب انڊين پريميئر ليگ(آءِ پي ايل) جون ايندڙ 2 ميچون نه کيڏي سگهندو، بنگلور جي ٽيم ايندڙ ٻن ميچن ۾ ممبئي انڊينز ۽ رائزنگ پوني سپر جائنٽس سان مقابلو ڪندي. بنگلور هيل تائين 2 ميچون کيڏيون آهن،جن مان اها هڪ ۾ ڪامياب ۽ هڪ ۾ ناڪام ٿي آهي، گيل ٻن ميچن ۾ اڃا تائين بيٽنگ جو جادو هلائڻ ۾ ڪامياب ناهي ٿي سگهيو ۽ رڳو هڪ رنس ئي ٺاهي سگهيوآهي، بنگلور جي ڪپتان ويرات ڪوهلي پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڪرس گيل اميد آهي ته 25 اپريل تي ٻيهر ٽيم ۾ شامل ٿي ويندو.

Wednesday 20 April 2016

بنگلاديش ۾ ھرسال ھڪ درياءُ سڪي ٺوٺُ ٿي وڃين ٿو

بنگلاديش ۾ هر سال هڪ درياهه سڪي ٺوٺ ٿيڻ لڳو

ڍاڪا:بنگلاديشي ماهرن جو چوڻ آهي ته گذريل اڌ صدي ۾ ملڪ ۾ سراسري طور ساليانو هڪ درياهه سڪي رهيو آهي،ماهرن مطابق بنگلاديش ۾ مناسب رٿابندي نه هئڻ سبب صاف پاڻي جي فراهمي ڏينهون ڏينهن ڏکي ٿيندي پئي وڃي، هنن ٻڌايو ته بنگلاديش جي مرڪز ۾ ماضي ۾ بارال درياهه چاٽ موهر علائقي جي ويجهو کان گذرندو هو، جيڪو هاڻي خشڪ ٿي ويو آهي، ان جاءِ تي پاڻي ته آهي پر اهو وهندو ناهي،جيڪو هڪ جاءِ تي رڪيل آهي ۽ بدبودار ٿي چڪو اهي، ان درياهه جي ٻئي پار ڊيم آهي، جيڪو خالي آهي ۽ ان کي روڊ طور استعمال ڪيو پيو وڃي، بارال درياهه سان پڻ اهو ئي ٿيو،جيڪو بنگلاديش جي ٻين دريائن سان ٿي رهيو آهي، اهو سڀ 1985ع کان شروع ٿيو، جڏهن ملڪ جي اولهه واري ضلعي راج شاهي کان 45 ڪلوميٽر جي پنڌ تي واٽر ڊولپمينٽ بورڊ درياهه جو زور روڪڻ لاءِ ان تي ڊيم ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو، ڊيم ٺاهڻ جو مقصد دروازن ذريعي ٻوڏ جي پاڻي کي ڪنٽرول ڪرڻ هو پر جن ماڻهن ڊيم ٺاهڻ جي رٿابندي ڪئي،انهن درياهه جو وهڪرو روڪڻ سبب پيدا ٿيل مسئلن تي ڪو ڌيان نه ڏنو

Tuesday 19 April 2016

اسان جا حڪمران ۽ وؤٽ وٺڻ جا طريقا

اسان جا حڪمران ۽ وؤٽ وٺڻ جا طريقا………!!!

شھباز خان شر

اسان جي سڀني حڪمرانن جو وؤٽ وٺڻَ جو طريقو ھڪ ٻئي کان مختلف آھي.
1:-آصف  زرداري جو چالاڪيون.
اڄڪلھہ اھو دور آھي تہ اسان جي سماج جا ماڻھون جنھن پارٽي ۾ ايم اين اي يا ايم پي اي مايون ھونديون آھن اڪثر ڪري ان پارٽي ۾ شموليت ڪندا آھن.
پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني اسان جي سماج سمجھندي ڀرپور فائدو ورتو آھي.زرداري صاحب گھڻو ڪري خاص سيٽون مائن جي حوالي ڪندو آھي ھو انھيءَ چالاڪيءَ ۾ ھميشہ ڪامياب ٿيندو رھيو آھي.
2:-عمران خان جا ڌرڻا.
عمران خان ڌرڻن جي لحاظ کان سڄي دنيا ۾َمشھور آھي عمران جتي ھاريو اتي ڌاندلي جو الزام ھڻي ڌرڻو ھڻندو پوءِ اتي اليڪشن ٿيندي ماڻھن جو جوش عمران خان جي پاسي ٿي ويندو ۽ پوءِ عمران جي ڪاميابي جا امڪان روشن ٿي ويندا آھن.
3:-نواز شريف جو ڦوڪون.
نواز شريف اڪثر ڪري پيڪيجن جا اعلان ڪندو آھي.ڪڏھن چوندو آھي تہ جنھن آبادگار جي 2 ايڪڙ زمين آھي ان کي ھڪ سستي پيڪيج تي ٽريڪٽر ملندو پر اھين ڪڏھن نہ ٿيندو آھي.
جڏھن اسان جي آبادگارن جي ڪن تي اھا ڳالھ پوندي آھي تہ چوندا آھن تہ نواز شريف جھڙو ڪو حڪمران ھوندو بہ ڪون.اھڙيون ڪوڙيون ڦوڪون ھڻي اڪثر ڪري نواز شريف ڪاميابي ماڻيندو آھي.
4:-الطاف حسين(وؤٽ ڏيو نہ تہ مرڻ جي لاءِ تيار ٿي وڃون)
الطاف حسين جي پارٽي کي دنيا دھشتگردن جي پارٽي سان سڃاڻيندي آھي.ھن پارٽي جو اھو ڪول آھي تہ وؤٽ ڏيو نہ تہ مرڻ جي لاءِ تيارٿي وڃون.انھي ڪري سنڌھ جي وڏن شھرن جا ماڻھون مرڻ جي ڊپ کان دھشتگردن کي وؤٽ ڏئي ڪامياب ڪري ڇڏيندا آھن.

Monday 18 April 2016

ڇا ٿر جي عوام جي ڪو سارسنڀال لھندو

ڇا ٿر جي عوام جي ڪو سارسنڀال لھندو……!!!
(18-4-2016)
شھباز خان شر
ڪيترنئي سالن کان ٿر ۾ ٻارن جي موت جو سلسلو جاري آھي.اسان جي حڪمرانن ھميشہ جي لاءِ ٿر جي عوام جي سارسنڀال ھن طرح لڌي آھي.
جيڪڏھن پي پي جي حڪومت ھوندي آھي تہ ان جو حڪمران ماڻھن جو معياري ٿي ٿر جو دورو ڪندو آھي ۽ چوندو آھي تہ ڪڏھن آ ٿر ۾ ڏڪار ٿري ماڻھون سڄي سنڌھ کان خوش آھن.پر ڪيترنئي سالن کان ٿر جي عوام کي ڏڪار جو منھن ڏسڻو پيو آھي .پاڳاري جي حڪومت ھجي چاھي زرداري جي حڪومت ھجي.پر ٿر جي ماروئڙن جي سارسنڀال ڪنھن نہ لڌي آھي.
اسان پيپلز پارٽي کي عرض ڪنداسين تہ اوھان جي سنڌ ۾ حڪومت آھي.اوھان ٿر سميت سڄي سنڌھ جي خدمت ڪريو جيئن ايندڙ اليڪشن ۾ ماڻھن کي منھن ڏيکارجڻ جھڙا رھو.
www.shahbazkhanshar.blogspot.com

Sunday 17 April 2016

تعليم ۽ سنڌھ جون سياسي ۽ سماجي تنظيمون

تعليم ۽ سنڌ جون سياسي ۽ سماجي تنظيمون

شھباز خان شر

اڄ هن جديد دور ۾ اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته تعليم نه صرف هر انسان جو بنيادي حق آهي پر تعليم انسان جي زندگي ۾ هڪ اهم ڪردار به ادا ڪري ٿي. جڏهن تعليم لفظ جو ذڪر اچي ٿو ته اڪثر ماڻهن جي ذهن ۾ تعليم صرف ڊگري حاصل ڪرڻ کي سمجھيو ويندو آهي، پر منهنجي تعليم لفظ مان مراد صرف سند حاصل ڪرڻ نه پر ان سان گڏ لازمي طور شعور حاصل ڪرڻ به آهي. دنيا اندر هر دور ۾ تعليم جون مختلف شڪليون رهيون آهن پر ان جي اهميت هميشه نمايان رهي آهي. ڪو دور هو جڏهن تعليم صرف مذهب کي پڙهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جو نالو هو پر اڳيان هلي فلسفي دنيا اندر هڪ نئون لاڙو متعارف ڪرايو جنهن مطابق شين کي سمجھڻ لاءِ سوال ڪرڻ ۽ ان تي سوچڻ کي اهميت ڏني وئي. فلسفي جي متعارف ٿيڻ کان پهرين هر مذهب ۾ صرف اها تعليم ڏني ويندي هئي ته جيڪو ڪجھ مذهبن جي پاڪ ڪتابن ۾ لکيل هو، ان تي بغير ڪجھ سوچڻ، سمجھڻ يا اختلاف ڪرڻ جي صرف ان کي ياد ڪرڻ ۽ عمل ڪرڻ گھرجي. اهڙي دور ۽ ماحول ۾ فلسفي جو نروار ٿيڻ هڪ تمام وڏي اڳڀرائي هئي، جنهن سڀ کان پهرين ته ماڻهن کي هر شيءِ متعلق سوچڻ جيئن ڪائنات جي وجود ۽ انسان جي وجود وغيره جي باري ۾ پنهنجو پاڻ کان ئي اهو سوال ڪرڻ ۽ سوچڻ ته اهو سڀ ڪجھ ڪيئن ممڪن بڻجي ٿي سگھيو وغيرهه جو گس مهيا ڪيو. حالانڪه ان ڳالهه ۾ به ڪو شڪ نه آهي ته فلسفو سو سيڪڙو سچ يا حقيقت نه هئي پر ان جو وڏي ۾ وڏو ڪمال انسان کي سوچڻ تي مجبور ڪرڻ هو. ان فلسفي جي سوچڻ جي بنياد وجھڻ کانپوءِ ئي فلسفي طرفان اٿاريل سوالن جي جواب ڳولهڻ لاءِ سائنس پير کوڙيا، جنهن کانپوءِ اڄ سائنس جي ڪري دنيا ترقي جي رستي تي گامزن آهي.

انسان جي سوچ تي هر دور ۾ پهرا لڳندا رهيا آهن پوءِ انهن جو ڪڏهن عقيدي جي بنياد تي ته ڪڏهن وري حڪمران ٽولن طرفان بندوبست ٿيندو رهندو آهي. سوچ تي پهرن لڳڻ جي ڪري ئي انسان ترقي کان ڪونهين ڏور رهڻ تي مجبور ٿيندو آهي. اڄ ان ترقي جو وڏي ۾ وڏو مثال اولهه جا ملڪ آهن جن سوچن تي لڳل پهرن کان جان ڇڏائيندي، اڳيان وڌڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جي بدولت اهي دنيا ۾ ترقي يافته بڻجي چڪا آهن. ٻئي طرف اڄ هن جديد دور ۾ به پاڪستان جهڙن پٺتي پيل ملڪن ۾ سوچ تي پهرا آهن ۽ وڏي افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اهڙن پهرن لڳائڻ لاءِ تعليم کي ئي هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي. ان جو وڏي ۾ وڏو مثال ملڪ اندر رائج تعليمي نصاب آهي جنهن ۾ ڪوڙي تاريخ ۽ ٻارڙن کي پراڻي دور جيان مجبور ڪيو وڃي ٿو ته اهي بغير ڪجھ سوچڻ جي صرف شيون رٽيندا/ياد ڪندا رهن. اهڙو نصاب پرائمري اسڪول کان ويندي يونيورسٽي سطح تائين عام ڪيل آهي. مثلن انسانيت جو اهو درس آهي ته پوري انسانيت سان محبت ڪرڻ گھرجي پر موجوده نصاب اندر پاڪستان جي پاڙيسري ملڪ هندستان جنهن جو 1947ع کان پهرين اسين حصو هئاسين کي پاڪستان جي عوام جو بدترين دشمن ڄاڻايو وڃي ٿو، جنهن سبب ٻنهي ملڪن جي عوام جي ذهنن ۾ هڪٻئي خلاف نفرت جو ٻج ڇٽيو ويو. ان کان علاوهه نصاب جي ڪتابن ۾ مسلمان پاڻ ۾ ڀائر آهن وغيرهه جهڙا جملا استعمال ڪيا وڃن ٿا جن سان مذهبي هم آهنگي بجاءِ مذهبن جي بنياد تي ماڻهن کي ورهايو وڃي ٿو. ان ڪري تعليم جو مقصد صرف سند حاصل ڪرڻ نه هجڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان نالي ماتر ملڪ جي تعليمي شرح ته وڌندي پر ملڪ اندر قابل ماڻهن جي تعداد ۾ واڌ نه ٿي سگھندي.

سنڌ اندر تعليم جي اها حالت آهي جو سنڌ حڪومت کي به مجبورن اهو مڃڻو پوي ٿو ته هزارن جي تعداد ۾ پرائمري اسڪول بند پيل آهن، ڪاليجن اندر ڪاپي ڪلچر عروج تي آهي ته يونيورسٽين ۾ وري غنڊا راڄ آهي. اهڙي ماحول ۾ جتي ڳوٺن اندر پرائمري اسڪولن جون بهترين عمارتون ته موجود هجن پر انهن ۾ نه ماستر هجن ۽ نه وري ٻار! ان صورتحال جي خبر تر جي چونڊيل ايم پي اي يا ايم اين اي کي به هجي جنهن جا ٻار دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي بهترين يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ پڙهندا هجن، جيڪو اليڪشن کان پهرين مفت تعليم ۽ علائقي جي ترقي جي ڳالهه به ڪندو رهي پر بعد ۾ ان ئي ڳوٺ يا پاسي واري ڳوٺ جي ماستر کي اهو به نه چوي ته اهو ماستر پگھار ٿو وٺي حڪومت کان ان ڪري ان کي معصوم ٻارڙن جي مستقبل سان کيڏڻ بجاءِ پنهنجو فرض نڀائڻ گھرجي، ته پوءِ اهڙي چڱي مڙس ۽ چونڊيل نمائندي کي ڇا چئجي!!!؟ پر جيڪڏهن اهڙي تعليم دشمنيءَ واري سماج ۾ جيڪڏهن هڪ معذور آسو ڪولهي به رهندڙ هجي جيڪا پني ڪري 230 ٻارڙن کي مفت تعليم ڏيڻ سان گڏوگڏ انهن کي تعليم جون ضروري شيون به مهيا ڪري ته پوءِ ڇا ان عظيم انسان آسو ڪولهي کي جھڪي سلام نه ڪجي؟ ڇا اها آسو ڪولهي جي همت سنڌ جي انهن تعليم دشمن وڏيرن، سردارن ۽ چونڊيل نمائندن جي منهن تي چماٽ نه آهي جيڪي سنڌ جي ڪروڙين معصوم ٻارڙن جي زندگين سان کيڏي رهيا آهن؟ ڇا اهڙي اڏول انسان کي ملالا يوسفزئي جيان مڃتا ۽ امن جو نوبل انعام نه ملڻ گھرجي؟ ملالا به پنهنجي زندگي جي پرواهه ڪرڻ بغير تعليم عام ڪرڻ لاءِ موت جي منهن ۾ وڃڻ لاءِ به تيار هئي. اهڙيءَ طرح آسو ڪولهي پنهنجي زندگي کي تڪليف ڏئي 230 ٻارڙن جي زندگي کي خوشحال بڻائڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهي آهي.

سنڌ حڪومت سان گڏوگڏ سنڌ جي سمورين سياسي ۽ سماجي تنظيمن کان به اهو سوال ڪرڻ غلط نه ٿيندو ته تعليم عام ۽ بهتر ڪرڻ لاءِ انهن جو ڪهڙو ڪردار رهيو آهي؟ سنڌ اندر تعليم جي بهتريءَ لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيمون (اين جي اوز) جن کي ڪروڙين رپين جا پراجيڪٽ ملن ٿا پر ان جي باوجود به اڄ تائين سنڌ اندر معياري تعليم اڻلڀ آهي. سنڌ ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جو ڪردار تمام بهتر رهيو آهي پر سنڌ حڪومت جي عمل دخل هئڻ کانپوءِ ان ۾ به رشوت ۽ پنهنجا نوازڻ سان گڏ ماسترن جي پڙهائڻ جي ڪارڪردگي تي ڪيترائي سواليه نشان اٿندا رهن ٿا. ٻئي طرف آءِ بي اي سکر آهي جنهن جو معيار تمام بهتر آهي پر ان ۾ ڪنهن غريب جي ٻار جو ڳري في هئڻ سبب پڙهڻ محال آهي. اين جي اوز طرفان کليل اسڪولن ۾ ماسترن/ماسترياڻين کي پگھار ئي ايتري ڏني ويندي آهي جو اهي پڙهائڻ ۾ دلچسپي وٺڻ کان ئي قاصر هوندا آهن. اهڙيءَ طرح ماضي ۾ سنڌ جي سياسي تنظيمن خاص طور تي قومپرست ۽ کاٻي ڌر جي پارٽين جو تعليم (شعوري تعليم) ڏيڻ جي حوالي سان تمام بهتر ڪردار رهيو آهي. کاٻي ڌر جي پارٽين ۾ ته اهو لاڙو رهيو آهي ته انهن طرفان واهڻ وستي وڃي ماڻهن کي انهن جي حقن بابت يعني سياسي ۽ شعوري تعليم ڏني ويندي آهي، ماڻهن کي پنهنجي علائقائي ٻولي يعني سنڌيءَ ۾ مواد پڙهائڻ جو بندوبست ڪيو ويندو آهي، اسٽڊي سرڪل منعقد ويندا آهن وغيرهه. اهڙي ئي ڪوشش قومپرست پارٽين طرفان به ٿيندي رهي آهي.

پاڪستان اندر جيڪي به منظم تحريڪون هليون آهن انهن ۾ کاٻي ڌرين ۽ قومپرست پارٽين جي ڳوٺ ڳوٺ وڃي ماڻهن کي شعور ڏيڻ سبب ئي ماڻهن جو وڏو تعداد اهڙين تحريڪن جو حصو بڻجندو رهيو آهي. مون کي اڄ به قومي عوامي تحريڪ جي دوستن جا اهي ڏينهن ياد آهن جڏهن اهي ميهڙ جهڙي ننڍڙي شهر ۾ ٽيوشن سينٽرن جي زريعي هر طبقي سان تعلق رکندڙ شاگردن کي انگريزي سان گڏ سياسي تعليم ڏيڻ ۽ هر هفتي مختلف ڳوٺن ۾ وڃي اتان جي هارين ۽ مزدورن کي منظم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهندا هئا. جيتوڻيڪ ٽيوشن سينٽر زريعي مفت يا گھٽ في ۾ تعليم ڏيڻ جو سلسلو اڄ به جاري آهي باقي ڳوٺن ۾ وڃي ماڻهن کي تعليم ڏيڻ واري سلسلي جي حوالي سان خاموشي آهي. اهڙيءَ طرح اڄ به حيدرآباد ڀرسان واقع هڪ ننڍي ڳوٺ پٻڻ شريف ۾ عوامي تحريڪ طرفان اسٽڊي ڪلاسن هلائڻ جو بندوبست ڪيو ويندو رهندو آهي جنهن ۾ ٻارڙن کان ويندي نوجوانن، عورتن، هارين ۽ مزدورن کي تعليم ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي. ساڳيءَ طرح هن وقت عوامي ورڪرز پارٽيءَ طرفان به سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اسٽدي ڪلاس هلايا وڃن ٿا. سنڌ يونيورسٽي اندر جيئمسٽ نظرياتي گروپ طرفان اسٽڊي سرڪل هلائڻ به تعريف جوڳو عمل آهي. انهن سمورين ڳالهين جي اهميت پنهنجي جڳهه تي ضرور آهي پر سنڌ جي هر سياسي پارٽي انهن عملن کان ٻه قدم اڃا اڳتي وڃي سگھي ٿي جيڪا تعليم جي بهتري ۾ هڪ اهم ڪوشش ثابت ٿي سگھي ٿي. ان لاءِ انهن سياسي تنظيمن کي هر ان ڳوٺ ۾ جتي انهن جا ڪارڪن موجود آهن ۾ رضاڪاراڻي طور ٻارڙن کي تعليم ڏيڻ لاءِ ڪو بندوبست ڪرڻ گھرجي. اهو ڪم ناممڪن به نه آهي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪامريڊ مائوزيتونگ ۽ ڪامريڊ فيڊل ڪاسترو جي چوڻ تي ڪارڪن ڳوٺ ڳوٺ ۽ گھر گھر وڃي رضاڪاراڻا طور تعليم ڏئي سگھن ٿا ته پوءِ سنڌ جي سياسي قيادت جنهن سان به ڪارڪن بي انتها محبت ڪن ٿا ته پوءِ اهي ڳوٺ ۾ موجود اسڪول جي عمارت ۾ يا ٻيو نه ته ڀلا وڻ جي ڇانو هيٺان ٻارڙن کي تعليم ڇو نه ٿا ڏئي سگھن؟ اهو ڪم ڏکيو ضرور آهي پر جيڪڏهن قيادت طرفان واري واري سان اهڙي ذميواري مختلف ڪارڪنن تي رکي وڃي ۽ اهڙو ڪو بندوبست ڪيو وڃي ته يقينن اهي سياسي پارٽيون عوام جون دليون کٽي سگھن ٿيون. اهو عمل حڪمران ڌرين لاءِ به يقينن تمام گھڻو نقصانڪار ثابت ٿي سگھي ٿو ۽ اڳيان هلي حڪمران ڌرين کي ان جا تمام خطرناڪ نتيجا ڀوڳڻا پئجي سگھن ٿا.

تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سڀ کان پهرين سنڌ جي باشعور ماڻهن کي موجودهه عقل کان وانجھيل نصاب کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. اها سنڌ حڪومت، اين جي اوز ۽ وس وارن جي اخلاقي ذميواري آهي ته اهي آسو ڪولهي سميت هر ان انسان جي مدد ڪن جيڪو پنهنجي قوم ۽ ڌرتي جي سلامتي ۽ خوشحاليءَ لاءِ تعليم جي زريعي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو/ٿي. ساڳيءَ طرح سنڌ جي سياسي تنظيمن کي به اين جي اوز جيان صرف فوٽو سيشن جي چڪر مان ٻاهر نڪري حقيقي معني ۾ عوام لاءِ ڪجھ ڪرڻ گھرجي. ائين جيڪڏهن هر باشعور ماڻهو تعليم جي بهتريءَ لاءِ جدوجهد کي پنهنجو فرض سمجھي، عمل ڪري ته يقينن سنڌ جي تعليم تمام بهتر ٿي سگھي ٿي ۽ سنڌ اندر ڪروڙين آسو ڪولهي جهڙا عظيم انسان به پيدا ٿي سگھن ٿا.