Wednesday 27 April 2016

اسلام آباد پوليس مدرسي جي جهڙتي دوران هٿيار ملڻ تي لال مسجد جي نائب خطيب کي گرفتار ڪري ورتو


اسلام آباد:اسلام آباد پوليس مدرسي جي جهڙتي دوران هٿيار ملڻ تي لال مسجد جي نائب خطيب کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس مطابق لال مسجد جي خطيب عامر صديقي کي ان مهل گرفتار ڪيو ويو، جڏهن باره ڪهو ٿاڻي ويجهو هڪ مدرسي ۾ جهڙتي دوران 3 ڪلاشنڪوفون هٿ آيون، پوليس مطابق عامر صديقي جي سرپرستي ۾ هلندڙ اهو مدرسو هڪ خانگي اسڪول جي جاءِ تي قائم ڪيو ويو هو، جڏهن عامر صديقي هٿيارن جا لائسنس ڏيکارڻ ۾ ناڪام ويو ته کيس گرفتار ڪري ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو، جتي ٿوري دير کانپوءِ ڪجهه ماڻو هٿيارن جا لائسنس کڻي پهتا ۽ ان کانپوءِ عامر صديقي کي آزاد ڪيو ويو، جڏهن ته لائسنس پوليس تصديق لاءِ پنهننجي قبضي ۾  وٺي ڇڏيا،ان سلسلي ۾ لال مسجد شهداءِ فائونڊيشن جي ترجمان گرفتاري جي تصديق ڪندي چيو ته صديقي صاحب جي گرفتاري جو ڪارڻ ان جي ملڪيت 3 ڪلاشنڪوفون هٿ اچڻ هو، سندس اهو به چوڻ هو ته آپريشن سڄي بارا ڪهو ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ عامر صديقي جو گهر به شامل هو، ترجمان مطابق اسان جڏهن رينجرز جي ترجمان سان ڳالهايو ته هن پڪ ڏياري ته عامر صديقي کي آزاد ڪيو ويندو، هن ٻڌايو ته عامر صديقي جي ويجهي ساٿي ڊاڪٽر عابد اورڪزئي ٿاڻي تي وڃي سندس ضمانت ڪرائي، ذريعن مطابق سيڪيورٽي فورسز پاران باره ڪهو جي علائقي مدينا ٽائون،ميرا بيگوال، اٿل ۽ پي ٽي وي ڪالوني ۾ به سرچ آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران ڪجهه افغانين سوڌو 54 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.

No comments:

Post a Comment