Wednesday 13 April 2016

ننڊي کنڊ جو وڏو ماڻھون

ننڍي کنڊ جو وڏو ماڻهو..

ميرصدام ٻلهڙو

پنج جنوري 1928 ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي ننڍڙي ڳوٺ گڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شاهنواز ڀٽو جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ذوالفقارعلي ڀٽو  کي 4 اپريل 1979 ع تي راولپنڊي جي جيل ۾ ڦاهيءِ ڏئي قتل ڪيو ويو.دنيا ۾ هڪ عام رواج بڻيل آهي ته جمهوري اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي روڊن تي ۽ ويران جاين ۾ قتل ڪري ماريو وڃي،ڇاڪاڻ ته انهن جو ڏوهه رڳو اهو هوندو آهي ته اهي عام ماڻهو جي ڳالهه ڪندا آهن ۽ ملڪ،رياست ۾ برابري جي ڳالهه ڪندا آهن هو چاهيندا آهن ته رياست ۾ هر ماڻهو کي هڪ جهڙي اهميت هجي وڏيرو هجي يا سرمائيدار،غريب هجي يا امير سڀني لاءِ قانون هڪ جهڙا هجن ۽ سڀني ڌرين کي ساڳيا حق ڏنا وڃن.پاڪستان ۾ به اهڙو ئي نظام گذريل 4 ڏهاڪن کان هلندوپيو اچي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني چيئرمين ۽ پاڪستان جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي به انهن ڏوهن عيوض سزا ڏني وئي ته هُن دنيا جي غريب مُلڪن ۽ غريب عوام کي پاڻ  سان کڏ کڻي هلڻ جي ڪوشش ڪئي آمريڪا کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ سعودي عرب ۾ مسلمان ملڪن کي گڏ ڪرڻ، چين سان ڊگهي عرصي تائين دورستي رکڻ جو عهد ڪري هٿ وڌائڻ ۽ ملڪ پاڪستان ۾ جمهوري نظام کي صحيح هلائڻ لاءِ هڪ جنرل جي ڪابينا کي الوداع ڪري پاڪستان جي غريب عوام خاطر پنهنجي هڪ نئين پارٽي ٺاهي ۽ پوءِ ملڪ جي چئني پاسن ۾ لهي پيو عوام جي حد کان وڌيڪ آجيان کيس موهي وڌو ۽ هو هر ڏينهن عوام  خاطر جنرلن کي للڪاريندو رهيو ۽ ساهه جي آخري گهڙي تائين سندن اڳيان ڪين جهڪيو.

بس اهو سبب هيو ته هڪ ننڍي صوبي سان تعلق رکندڙ ڏکڻ ايشيا جي عظيم ليڊر کي وقت جي جنرلن ڪورٽن هٿان قتل جي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاهيءِ ڏئي شهيد ڪري ڇڏيو.ذولفي ڀٽو جي حڪومت کي 5 جولاءِ 1977ع  تي ختم ڪري مارشلا لاڳو ڪئي وئي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو کي گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو ۽ مٿس هڪ مذهبي اڳواڻ جو ڪوڙو قتل ڪيس مڙهي ٻن سالن تائين ڪورٽن ۾ ڪيس هلايو ويو،جنهن کانپوءِ 4 اپريل 1979ع تي راولپنڊي جي جيل ۾ ڦاهي تي چارهيو ويو ۽ هميشا جي لاءِ ڀٽو ڪٽنب ۽ پيلپلز پارٽي مان جان ڇڏائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي.شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کانپوءِ پيپلز پارٽي جون واڳون بيگم نصر ڀٽو پنهنجي نوجوان ڌيءَ ۽ شهيد ڀٽو جي لاڏلي (پنڪي) بينظير ڀٽو سان گڏجي سنڀاليون ۽ جنرل صياءُ الحق جي مارشلا خلاف ۽ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ هڪ تحريڪ هلائي ۽ عوام ۾ ذولفي ڀٽو جيان لهي پيون.جڏهن ته شهيد ذوالفقار ڀٽو جي شهادت کانپوءِ سندس نوجوان پُٽ شاهنواز ڀٽو کي فرانس ۾ سندس ئي زال هٿان زهر ڏئي مارايو ويو.مطلب ته ڀٽو  ڪٽنب ۽ جمهوريت پسند پارٽي جي اڳواڻن سان پاڪستان ۾ هر موڙ تي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ وقت جا حڪمران ظلم ڪندا رهيا.پر پوءِ به اهي دودا پنهنجي منزل کي چمڻ لاءِ رت جي آخري ڦُڙي تائين وڙهندا رهيا ۽ وقت جي ظالم حڪمرانن کي للڪاريندا رهيا

No comments:

Post a Comment