Thursday 14 April 2016

سنڌھ پوليس مان سياسي مداخلت ختم ٿيڻ گھرجي……!!!

شھباز خان شر

سنڌ پوليس مان سياسي مداخلت ختم ٿيڻ گهرجي



رات جو وڳڙو هو، پوليس اٽالا هڪ هوٽل تي اچي بيٺا، بينچ تي ستل هڪ همراهه کي اٿاريو ويو ۽ پڇيو ويو ته هتي ڇو ستو پيو آهين؟ هن وراڻيو سائين تر ۾ چوري چڪاري جو آزار آهي، تنهن ڪري رکوالي ڪرڻ لاءِ هتي ستو پيو آهيان. هن کي پوليس ورندي ڏني ته گھر وڃي آرام سان سمهه! تنهنجي چوري ٿئي ته مان ڀري ڏيندس، اهي ۽ ٻيا سوين قصا مشهور ٿيا. چون ٿا ته هڪ دفعي هو پاڻ پوليس ٿاڻي تي هڪ ڳوٺاڻي جو روپ ڪري ويو ۽ ٿاڻي جي صوبيدار جو پڇيو، ٻڌايو ويو ته صاحب ستو پيو آهي، هن ٻهروپي چيو ته مون کي صوبيدار ۾ ڪم آهي، ان سان ضروري ملڻو آهي، تنهن تي جمعدار ۽ سپاهين هن کي ڌٻ ڪڍي ته صاحب تنهنجو نوڪر آهي جو تنهنجي مرضي سان اٿندو. بهرحال هن ڳوٺاڻي اڌ ڪلاڪ انتظار ڪيو ۽ صاحب سان ملڻ جو چوندو رهيو. گھڻي دير بعد هن پنهنجو پٽڪو لاٿو ۽ پوليس عملي کي پنهنجو اصلي چهرو ڏيکاريو، سڀني سيليوٽ ڪيو، صوبيدار کي فورن گھرايو ويو. هو ويس مٽائي ڪڏهن کير وارو ته ڪڏهن ڪهڙو روپ ۽ ٻهروپ ڌاري ويندو هو. منشيات جي اڏي تي موالين جهڙا حال ڪري منشيات فروشن کي گرفتار ڪندو هو. اهي قصا ۽ ڪهاڻيون آهن اي ڊي خواجه جو آهن، جيڪو اڳ شڪارپور جو ايس ايس پي ۽ موجوده آءِ جي پوليس آهي.

اي ڊي خواجه ايماندار، فرض شناس، بردبار ۽ برجستو پوليس آفيسر آهي، هر ڳالهه تي سوچ ويچار ڪري هلندو هو، نرم گفتار، بافضيلت ۽ ڀلو آفيسر ٿي گذريو آهي، ڪيئي پوليس آفيسر شڪارپور ۾ رهيا آهن پر هن جهڙو ايس پي ٻيو ڪونه ڏٺو. عوام ۽ پوليس جي عملي جي ڳالهه ٻڌندو ته ان جي جاچ ڪرائيندو ته سچ ڇا آهي ۽ ڪوڙ ڇا آهي. حقيقت معلوم ڪندو، تنهن کان پوءِ قدم کڻندو. هن جي اچڻ بعد ڀوتارن، ڏوهارين ۽ راشي پوليس آفيسرن ۾ ٽاڪوڙو مچي ويو هو. هو ڪنهن جي به گھر نه ويندو هو ۽ نه وري ڪنهن جي سفارش ٻڌندو هو، پر ڪنهن سان بيواجبي به ڪونه ڪندو هو. هو سياڻو ۽ دلير پوليس آفيسر هو.

پوليس اداري جي ڪارڪردگي تي جيڪو بحث ۽ چوٻول متل آهي، تنهن کي ٻڌي ڪا حيراني ۽ پريشاني نٿي ٿئي ڇاڪاڻ ته جهڙي نموني ٿاڻا وڪامندا آهن، تنهن جي باري ۾ سڀڪو ڄاڻي ٿو ۽ ٿاڻي جو صوبيدار به فخر سان چوندو آهي ته هيترا لک ڀري ٿاڻيدار مقرر ٿيو آهيان، سو اهي پئسا ته وصول ڪرڻا آهن ۽ هو اعليٰ عملدارن تائين منٿلي ڏئي ٿو. ضياءُ الحق جي دور کان وٺي ڄام صادق ۽ ايم ڪيو ايم ۽ ويندي آصف علي زرداري تائين پوليس کي سياستدانن، وڏيرن ۽ بااثر شخصيتن جي تابع بنايو ويو آهي. سنڌ پوليس تي جيڪا تنقيد ڪئي وڃي ٿي، اها جائز تنقيد آهي، ان ۾ ڪوبه وڌاءُ ناهي ته موجوده سنڌ صوبي جي سرڪار ۽ اڳ واري عرصي ۾ ايم ڪيو ايم جي اتحادي سرڪار ۾ ٻنهي پارٽين پوليس کان جيڪي ڪم ڪرايا، اهي انتهائي ڪريل هئا. ڏوهارين ۽ قتل جي ڪيسن ۾ سوين قاتل آزاد ٿي ويا.  اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي تي جيڪي الزام آهن، جن جي انڪواري موجوده آءِ جي ڪئي هئي، تنهن ۾ جيڪي سنگين گهوٻيون شامل آهن، تن جي نشاندهي ڪئي وئي ۽ آخر رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ ڏني وئي. پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جو بنيادي مقصد هو ته پوليس کي پنهنجو ڪمدار بنائي رکجي، ذاتي خدمت ۽ نوڪري چاڪري لاءِ پوليس تي داٻو رکيو وڃي ۽ سياست ۽ اعليٰ منصب کي ڍال طور استعمال ڪري پوليس کان ڪم ڪڍجي. ڏوهه ۽ سياست جي ڳٺ جوڙ جي ڪري سنڌ پوليس بدنام ٿي آهي. پر ان ۾ سنڌ پوليس جي اداري کي گھڻو ڏوهي قرار نٿو ڏئي سگھجي، ان ڏوهه جا ڏوهاري فقط حڪمران آهن. ان جوسبب حڪمرانن ۽ ان جي مڪاني اڳواڻن ۽ ڀوتارن جو آهي، جن کان پوليس کي غلط پنهنجي مفاد لاءِ هدايتون ملنديون رهن ٿيون ۽ جيڪو وڏيرن ۽ سياستدانن جي حڪم جي پيروي نٿو ڪري تنهن کي بدلي يا سائيڊ ڪريو ڇڏين ۽ اهو پوليس عملدار ٿاٻا کائيندو وتي ٿو، ڪي وري سياستدانن ۽ وڏيرن جا ڪمدار بنجي ڊيوٽي ۽ خدمت ۾ پيش پيش رهندي عوام آزارڻ ۾ پورا رهن ٿا. اهڙن سياستدانن ۽ عملدارن جي جهجهائي آهي. فضيلا سرڪي جو مثال وٺو، هڪ ڇوڪري ٻالڪڻ ۾ اغوا ٿي وئي ۽ اها جوان به ٿي وئي ۽ اڃا تائين بازياب ٿي نه سگھي آهي. اها ڪوتاهي هن اڏوهي کاڌل نظام جي آهي، سياستدانن ۽ حڪمرانن جي نالائقي آهي، پر پوليس ان ڏوهه ۾ سڀ کان وڌيڪ شامل آهي، جو اڃا تائين اهو پتو نه لڳائي سگھي آهي ته هو ڪٿي آهي، جيئري به اهي يا مري وئي! سوال آهي ته ڇا پوليس سسٽم ۾ سڌارو ايندو؟ نئون آءِ جي ان سسٽم ۾ بهتري آڻي سگھندو؟ اي ڊي خواجه جي جيڪا ساک پت آهي، ديانت، صداقت ۽ عقل فهمي جو ادراڪ اٿس ۽ جيڪو اميد ۽ آسرو آهي ، تنهن ڪري چئي سگھجي ٿو ته ٿورو گھڻو ڦيرو ضرور ايندو پر جلدي ۽ ايترو آساني سان اچي، اهو مشڪل آهي، پر هي ڪجهه وقت ۾ پوليس ۾ سڌارا آڻي سگھي ٿو.

”سياسي ڀرتي“ هڪ اهم سبب آهي، جنهن جي ڪري ڌاڙيل، ڏوهاري ۽ گنهگار پوليس جي وردي ۾ سماج لاءِ ٻٽو عذاب بڻجي پئي ٿو، اهو آهي اسان جي سسٽم جو ماڻ ۽ ماپو، جنهن مان اوهان اندازو لڳايو ته اهي ڪهڙي نموني سان ورتاءُ ڪندا آهن. ايم ڪيو ايم جا پوليس ۾ ڀرتي ٿيل ۽ وڏيرن جا ڀرتي ٿيل جيڪي ڏوهاري هئا، تن پوليس کاتي کي بدنام ڪري ڇڏيو آهي. ايئن به ناهي ته جيڪي به سياسي ڀرتيون ٿيون آهن، اهي سڀ جو سڀ خراب هجن پر جهڙي نموني پوليس ۽ سياست جو چرخو آهي، تنهن ڪري ”کاريءَ ۾ هڪ مڇي جي ڪري سڀ مڇيون خراب“ ٿيو وڃن. جڏهن پوليس جي خراب عملداري جو ذڪر ڪجي ٿو ته اتي سياستدانن ۽ زرداري جي اڳوڻي وفاقي ۽ موجوده سنڌ صوبي جي خراب حڪمراني جو ذڪر گھڻو اچي ٿو. جڏهن ته الطاف ازم جي ڪري پوليس کاتو يرغمال هو. ڄام صادق جي دور ۾ ايم ڪيو ايم سنڌ جي مالڪ هئي ۽ جنهن نموني ان سنڌ جي تباهي ڪئي، قتلغاري ڪئي ۽ اڻ پورا ڪيس ٺاهي ڏوهارين کي فائدو ڏنو ۽ هن وقت به سياستدانن جي چوڻ تي ٻڌ ڇوڙ جاري آهي، تنهن کي جيڪڏهن موجوده آءِ جي ٻنجو ڏئي ٿو ته اهو وڏو ڪارنامو ليکبو. اي ڊي خواجه پنهنجي ترجيح ٻڌائي آهي، ڏسڻو اهو آهي ته هو ان تي ڪيترو ڪاربند رهي ٿو. 2002ع جي پوليس آرڊر مطابق صوبائي حڪومت، صوبائي پوليس آفيسر جي مشاورت سان ڪٿي به پوسٽنگ ڪري سگھي ٿي. صوبي جي پوليس آفيسر جنهن کي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس (آءِ جي) سڏجي ٿو، تنهن جي صلاح مشوري ڪرڻ لازمي هوندو ۽ پوءِ ئي ڪنهن به پوليس آفيسر ايس ايس پي، ايس پي يا ٻين جي بدلي ۽ پوسٽنگ ٿي سگھي ٿي ۽ هو پنهنجو مدو جيڪو ٽي سال آهي، اهو پورو ڪندو. جيڪڏهن ان معاملي تي عمل ڪيو وڃي ته پوليس ۾ سڌاري جي گنجائش گھڻي گھڻي موجود آهي، جيڪڏهن ضلعي جو ايس ايس پي ايماندار آهي ته ضلعي جي صورتحال به ڪنٽرول ۾ رهندي ۽ موجوده آءِ جي هوندي پوليس ۾ بهتري جي اميد ڪري سگھجي ٿي، اهو به چئي سگھجي ٿو ته ”سياسي مداخلت“ ختم ٿي ويندي.

No comments:

Post a Comment