Friday 15 April 2016

سياسي حالتن جو رخ ڪيڏانھن وڃي رھيو آھي.تفصيل جي لاء ڪلڪ ڪريو

شھباز خان شر

سياسي حالتن جو رخ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي؟

پاناما ليڪس وارو اِشو رڳو پاڻ وارن حڪمرانن لاءِ ئي نه پر عالمي سطح تي ڪيترن ئي ملڪن جي حڪمرانن لاءِ مٿي جو سور بڻجي ويو آهي ۽ اتي حڪمرانن کان استعيفيٰ وٺڻ جا مطالبا ٿي رهيا آهن. اهڙي قسم جو مطالبو پاڻ وارن حڪمرانن کان به ٿي رهيو آهي. اهو مطالبو پهريان عمران خان جي قوم کي خطاب دوران سامهون آيو، ان بعد ٻيا به ميدان تي لهي پيا. هاڻي ته جماعت اسلامي جو سربراهه سراج الحق به کليل لفظن ۾ وزيراعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيو آهي. جيتوڻيڪ پاڪستان پيپلز پارٽي هينئر تائين کليل لفظن ۾ وزيراعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو ناهي ڪيو، پر جهڙي نموني ميل ملاقاتن ۽ رابطن، واسطن جو سلسلو جڙي پيو آهي، انهيءَ کي ڏسي ائين محسوس ٿي رهيو آهي ممڪن آهي اڳتي هلي پيپلز پارٽي به ان مطالبي ۾ شامل ٿي وڃي. تازو تحريڪِ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي، اعتزاز احسن ۽ سيد خورشيد احمد شاهه سان جيڪا خوشگوار ماحول ۾ ملاقات ڪئي آهي ۽ پي ٽي آءِ جي نواز ليگ خلاف تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني آهي، اها ضرور پنهنجو اثر ڇڏيندي. سياسي مبصر ته اهو به چئي رهيا آهن ته ميان صاحب جو جيڪو لنڊن وارو هي اوچتو دؤرو آهي، ان جو مقصد ئي زرداري صاحب کي راضي ڪرڻ آهي، پر ڇا هو اڳ جيان ”جمهوريت جي وسيع مفادن خاطر“ بنا ڪنهن شرط جي راضي ٿي ويندو يا هن ڀيري ٻيو رستو اختيار ڪندو؟ سڀني کي ان شيءِ جو انتظار آهي. اعتزاز احسن ته کليل لفظن ۾ چئي رهيو آهي ته وزيراعظم لنڊن ۾ آصف زرداري جي درٻار ۾ حاضري ڀرڻ ويو آهي، جنهن کان نواز ليگ انڪار ڪري رهي آهي پر پيپلز پارٽي جيڪڏهن هن ڀيري نواز ليگ جو ساٿ ڏنو ته اها ختم ٿي ويندي. ساڳي ڳالهه ميان رضا رباني به ڪري رهيو آهي، جنهن جو چوڻ آهي ته هن وقت نواز ليگ جو ساٿ نه ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ پيپلز پارٽي جو نالو نشان به نه رهندو. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته پيپلز پارٽي جو چيئرمين ۽ شريڪ چيئرمين هن معاملي کي ڪيئن ڏسن ٿا ۽ ڪهڙي حڪمت عملي جوڙين ٿا؟

ملڪ جو سياسي ميدان هڪ ڀيرو ٻيهر گرم نظر اچي رهيو آهي. اسلام آباد ۾ عمران خان جي ڊگهي ڌرڻي وقت جيڪو عجيب ۽ غريب تبصرن ۽ تجزين جو سلسلو شروع ٿيو هو، ڪجهه عرصي جي ڪاما کان پوءِ اهو وري شروع ٿي ويو آهي. جيئن چوندا آهن ته ”رٺي اڳ ۾ ئي ويٺي هئي، ويتر آيس پيڪن جو ماڻهو“ سو هتي به پاناما ليڪس اهو ساڳيو ئي ڪم ڪري ڏيکاريو آهي. تحريڪ انصاف سميت جيڪي مخالف ڌريون موقعي جي تلاش ۾ هيون انهن کي هڪڙو ڀرپور موقعو مليو آهي ۽ اهي انهيءَ کي وڃائڻ نٿيون چاهين. هن ڀيري محسوس ائين ٿي رهيو آهي ته نواز ليگ خلاف جيڪو ميدان سجندو ان ۾ اڪيلي تحريڪ انصاف بيٺل نه هوندي، پر انهيءَ سان گڏ پيپلز پارٽي، ق ليگ، جماعت اسلامي سميت مختلف پارٽيون گڏ بيهنديون. جيتوڻيڪ وزيراعظم قوم کي خطاب ان اميد سان ڪيو ته هي معاملو آيو ويو ٿي ويندو ۽ ڳالهه بي اثر ٿي ويندي، پر ائين نه ٿيو. مٿان جيڪو عمران خان وارو نجي چئنلن تي قوم کي خطاب آيو ان رهي ڪسر به پوري ڪري ڇڏي. اها ڳالهه نواز ليگ جي ليڊرشپ به مڃي ٿي ته عمران خان واري اسلام آبادي ڌرڻي دوران جيڪڏهن پيپلز پارٽي سندس ساٿ نه ڏي ها ته هن مسئلي مان جان ڇڏائڻ مشڪل هئي، پر هن ڀيري معاملو مختلف نظر اچي رهيو آهي. نواز حڪومت طرفان گذريل ڪجهه عرصي کان پيپلز پارٽي کي اندران ئي اندران جهڙي نموني ٽف ٽائيم ڏيڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي آهي، هاڻي جڏهن موقعو آيو آهي ته محسوس ائين ٿي رهيو آهي ته پيپلز پارٽي به رهيل سمورا حساب برابر ڪرڻ چاهي ٿي. ان جو اندازو ان ميڊيائي خبر مان لڳائي سگهجي ٿو ته ميان صاحب لنڊن واري دؤري دوران آصف علي زرداري سان ملڻ جي خواهش ڏيکاري، جنهن تي زرداري صاحب انڪار ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان مختلف خبرون آهن، پل پل ۾ صورتحال تبديل ٿي رهي آهي. گڙٻڙ وڏي آهي ۽ اها گڙٻڙ رڳو پاناما ليڪس جي ڪري به نه آهي، پر خود پارٽين جي پنهنجي رڌڻي ۾ به رولڙو پيل آهي. هڪ پاسي تحريڪِ انصاف اندر ڪيترائي گروپ ٺهي وڃڻ جون ڳالهيون ٻڌجي رهيون آهن ته ٻئي طرف نواز ليگ جي صفن ۾ به ڪيترائي ڏار پوڻ جون خبرون آهن. چيو پيو وڃي ته تحريڪِ انصاف ۾ شاهه محمود قريشي، جهانگير ترين ۽ چوڌري سرور ۾ جيڪي اختلاف ڍڪيل هئا، اهي هاڻي آهستي آهستي ظاهر ٿي رهيا آهن. ان جو اندازو شاهه محمود قريشي جي ان بيان مان لڳائي سگهجي ٿو ته جهانگير ترين ۽ چوڌري سرور کان ٽڪيٽ وٺڻي پئي ته سياست ڇڏي ڏيندس. ٻئي طرف چوڌري سرور جو چوڻ آهي ته بني گالا وڃي سچ ڳالهايان ٿو، تنهن ڪري ڪجهه ماڻهو پسند نٿا ڪن. بهرحال تحريڪِ انصاف جا هي اندروني اختلاف ڪٿي وڃي دنگ ڪن ٿا، اهو اڳتي هلي ڏسڻو آهي. ساڳي طرح نواز ليگ اندر گهڻ طرفا اختلاف سامهون اچي رهيا آهن. هڪڙو اختلاف ته خود شريف فيملي اندر آهي، جنهن کي ولي عهد جي مقرري جي جنگ چيو پيو وڃي ۽ ٻڌايو پيو وڃي ته ننڍو ڀاءُ پاڻ وڏي ڀاءُ لاءِ مسئلا پيدا ڪري رهيو آهي. ٻئي طرف چوڌري نثار بابت پڻ ڪيتريون ئي خبرون، تبصرا ۽ تجزيا ٻڌجي رهيا آهن ۽ چيو پيو وڃي ته اهو خود نواز ليگ لاءِ مسئلا پيدا ڪرڻ جي مهم تي لٿل آهي. ان سلسلي ۾ اعتزاز احسن ۽ سيد خورشيد احمد شاهه ته ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪري رهيا آهن. بهرحال هي اختلاف ڪهڙو رنگ اختيار ڪن ٿا ۽ انهن جا نتيجا ڪهڙا سامهون اچن ٿا، اهو وقت ثابت ڪندو.

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پاناما ليڪس وارو معاملو ايترو هلڪو ۽ معمولي به نه آهي جيئن نواز ليگ جا وزير ۽ مشير محسوس ڪرائي رهيا آهن. هي انتهائي اهم اِشو آهي، جنهن عالمي سطح تي ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو آهي. هن ۾ باقاعده ثبوتن سان شيون ظاهر ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ انڪار ڪرڻ جي ڪا گنجائش ئي نه آهي. عوامي پريشر ۾ اچي آئيس لينڊ ۽ هڪ اڌ ٻين ملڪن جي سربراهن استعيفائون ڏئي ڇڏيون آهن ۽ اهو پريشر جيئن پوءِ تيئن وڌي رهيو آهي. تحريڪ انصاف جنهن پاناما ليڪس جي جاچ نه ڪرڻ تي رائيونڊ جو گهيراءُ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان جو نواز ليگ حڪومت جي صحت تي خبر ناهي ڪهڙو اثر پيو آهي يا پوندو، پر جيڪڏهن تحريڪ انصاف سان پيپلز پارٽي، جماعت اسلامي، ق ليگ سميت سموريون مخالف ڌر جون پارٽيون گڏجي وڃن ٿيون ۽ اهڙو ڪو گڏيل ڌرڻو لڳي ٿو ته ان جي پريشر کان نواز ليگ پاڻ کي ڪنهن به صورت ۾ بچائي نه سگهندي. اهو ئي سبب آهي جو اهڙي صورتحال کي روڪڻ لاءِ نواز سرڪار جي اهم عهديدارن هٿ پير هلائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهي ٻين پارٽين سوڌو تحريڪ انصاف کي به راضي ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن. جيڪڏهن اها راضي نٿي ٿئي ته کيس اڪيلو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهن، پر هن ڀيري مخالف ڌر جو موڊ ڪجهه مختلف نظر اچي رهيو آهي، جنهن ۾ ڪافي غلطيون نواز ليگ سرڪار جون ئي آهن. اسلام آباد واري ڌرڻي دوران هي جيتري پريشان هئي ۽ جهڙي نموني مخالف ڌر جي پارٽين کان سهڪار گهري رهي هئي، ڌرڻو ختم ٿيڻ کان پوءِ اها انگوڇو ڇنڊي وري شينهن ٿي بيٺي، نه ته ٿيڻ ائين کپي ها ته جن پارٽين به سندس ساٿ ڏنو، انهن سان فرينڊشپ وارو ورتاءُ قائم رکيون اچي ها ۽ مختلف معاملن ۾ انهن کي پاڻ سان گڏ گڏ کڻي هلي ها، پر اسان سڀني ڏٺو ته ائين نه ٿيو. نواز ليگ هڪ ڀيرو ٻيهر ماضي واريون ساڳيون روايتون ورجائڻ شروع ڪيون ۽ ون مين شو ڏيکارڻ شروع ڪيو. پاناما ليڪس ته هڪ بهانو ٿي سامهون آيو آهي، پر مخالف ڌر جون پارٽيون پهريان کان ئي نواز ليگ تي ناراض ويٺل هيون. هينئر به موقعو ناهي ويو، جيڪڏهن نواز ليگ سنجيدگيءَ سان هن معاملي کي هينڊل ڪري ٿي ۽ مخالف ڌريون پاناما ليڪس جي جاچ جو جيڪو طريقيڪار چئي رهيون آهن، ان تي عمل ڪيو ويو ۽ شفاف جاچ سامهون آئي ته منهنجي خيال ۾ هي معاملو حل ٿي ويندو.

حقيقت ۾ هن وقت نواز ليگ هڪ وڏي آزمائش مان گذري رهي آهي، کيس نهايت ئي احتياط کان ڪم وٺڻو پوندو. ان سلسلي ۾ پهريان ته پنهنجي انهن گهڻ ڳالهائو وزيرن کي ڪنٽرول ۾ آڻڻو پوندو، جيڪي ٻرنديءَ تي تيل جو ڪم ڪري رهيا آهن.  ان بعد سمورين مخالف ڌر جي پارٽين کي اعتماد ۾ وٺڻو پوندو ۽ پاناما ليڪس سميت جيڪي به اِشو آهن، انهن تي سنجيدگيءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻي پوندي ۽ جاچ جو يقين ڏيارڻو پوندو. ماضي ۾ ٻه ڀيرا نواز ليگ حڪومت جي وقت کان اڳ ۾ وڃڻ پٺيان جيڪي ڪارڻ هئا، انهن ۾ هڪڙو ڪارڻ مخالف ڌرين جي ڳالهه کي اهميت نه ڏيڻ به هو. گهٽ ۾ گهٽ هاڻي اهڙي تجربي کان پرهيز ڪئي وڃي. ان سان گڏوگڏ مخالف ڌر جي پارٽين کي به معاملن کي ان انتها تي نه وٺي وڃڻ گهرجي جو هڪ ڀيرو ٻيهر جمهوريت جي تڏا ويڙهه ٿي وڃي. جيڪڏهن وزيراعظم سميت ٻئي ڪنهن حڪومتي عهديدار مٿان ڪا غلط ڪاري ثابت ٿئي ٿي ته ان جي سزا پوري سسٽم کي نه ملڻ گهرجي. وڏي محنت ۽ وڏين قربانين کان پوءِ جڏهن مس مس هڪڙو سسٽم جڙيو آهي، ته انهيءَ سسٽم کي تباهه نه ڪرڻ گهرجي. هڪ حڪومت پنهنجو پنج ساله مدو پورو ڪري چڪي آهي، هاڻي ٻي حڪومت کي به اهو مدو پورو ڪرڻ جو موقعو ملڻ گهرجي. جيڪڏهن ٽي چار حڪومتون ائين پنهنجو مدو پورو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون ته مان سمجهان ٿو ته جمهوريت جون پاڙون مضبوط ٿي وينديون ۽ پوءِ ڪنهن کي به جمهوري سسٽم جو تختو اونڌو ڪرڻ جو جواز نه ملندو. پر جيڪڏهن اهو ساڳيو پراڻو انداز اختيار ڪيو ويو ته ان سان سسٽم وري انهيءَ ساڳي پراڻي پوزيشن تي هليو ويندو، جنهن ۾ ڪنهن به حڪومت کي ٻن ۽ اڍائي سالن کان وڌيڪ حڪومت ڪرڻ جو موقعو نه پئي مليو.

No comments:

Post a Comment