Wednesday 13 April 2016

پياري استاد سائين فاروق بروھي جي فيس بڪ اڪائونٽ تان ورتل ڪجھ پوائنٽ………!!!

”هر انسان جي دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪنهن نہ ڪنهن حسين تصور جو چنڊ ضرور کڙيل هوندو آھي، پر اوهين هنجي روح جا سڀئي روشندان کولي ڏسو، سندس دل جا سڀئي طاق پٽي ڏسو، اوهان کي هر هڪ طاق ۽ ھرهڪ روشندان پٺيان دولت جا ڍير نظر ايندا ۽ وڌيڪ دولت حاصل ڪرڻ جا هَڻ کَڻ پنهنجي وھ ۾ وٽ کائيندا نظر ايندا.
ڪنهن هڪ طاق جي هُن پار بہ ڪنهن حسين تصور جو چنڊ، ڪنهن حسين ياد جو ڏيئو نظر نہ ايندو. هر طرف زهريلي اونده ۽ ڦوڪون ڏيندڙ ھَڻ کَڻ کانسواءِ ڪجھ بہ نظر نہ ايندو“...
”درد جو شھر“
مصنف آغا سليم
اڄ سموري سنڌ، سنڌي ٻوليء جي خوبصورت لکاري
آغا سليم جي مرتئي تي سوڳوار آھي.

No comments:

Post a Comment