Wednesday 13 April 2016

بشير قريشي



بشير قريشي

بشير احمد قريشي بشير احمد خان ولد غلام مرتضىٰ قريشي 10 آگسٽ 1959 تي رتو ديرو ضلعو لاڙڪاڻو ۾ پيدا ٿيو. پاڻ سنڌ جو بيباڪ قومپرست نوجوان ليڊر ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ جو موجوده چيئرمين آهي.[1]

بشير خان جي پرورش هڪ وچولي گهراڻي ۾ ٿي. سندس والد ڳوٺ ۾ اٽي جي چڪي هلائيندو هو. ۽ اناج جو واپار ڪندو هو. پرائمري کان مئٽرڪ تائين تعليم رتيديري مان ئي حاصل ڪيائين. انٽر سي انڊ ايس ڪاليج شڪارپور مان پاس ڪيائين.

بشير خان قريشي 1976 ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ داخلا ورتي. جتي سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو. 1980 ۾ جساف زرعي يونيورسٽي جو صدر چونڊيو ويو. بشير خان قريشي کي اهو اعزاز رهيو آهي ته هو سائين جي ايم سيد جي تمام ويجهو رهيو.

قريشي صاحب طبيعت ۾ سڌو سنئون ۽ کري قسم جو ماڻهو آهي. منجهس روايتي سياستدانن واريون چالون ڪونهن. پاڻ نهايت خوش اخلاق، خوش مزاج، رلڻو ملڻو ۽ کل مک انسان آهي. هن پنهنجي سڄي زندگي سنڌي قوم جي خوشحالي لاءِ جاکوڙيو آهي ۽ اڃا به جاکوڙي رهيو آهي. بشير قريشي ڪيترائي سال سنڌ جي حقن جو آواز اٿارڻ سبب قيد پڻ ڪاٽي چڪو آهي.

No comments:

Post a Comment