Thursday 14 April 2016

پاڪ-ڀارت ناتن ۾ آيل نئين مثبت تبديلي...شھباز خان شر

شھباز خان شر

پاڪ- ڀارت ناتن ۾ آيل نئين مثبت تبديلي

پاڪستان ۽ هندستان ۾ پٺاڻ ڪوٽ حملي کانپوءِ ملتوي ٿي ويل ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ واري عمل جي هڪ ڀيرو ٻيهر شروعات ٿي وئي آهي. نيپال جي گادي واري هنڌ کٽمنڊو ۾ هلندڙ سارڪ ڪانفرنس جي موقعي تي پارٽي وزير خارجه سشما سوراج ۽ وزيراعظم جي خارجه امور بابت صلاحڪار سرتاج عزيز ۾ ٿيل اهم ملاقات ۾ ٻئي ملڪ وري ان ڳالهه تي متفق ٿي ويا ته التوا ۾ پيل ڳالهين کي ٻيهر شروع ڪيو وڃي ۽ هندستان پاران پٺاڻ ڪوٽ حملي جي تحقيقات لاءِ پاڪستاني ٽيم کي هندستان وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. پاڪستاني ٽيم پٺاڻ ڪوٽ حملي جي تحقيقات ڪندي ته ان ۾ ڪهڙا عنصر ملوث آهن، جنهن جي رپورٽ ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن کي پيش ڪئي ويندي. ان موقعي تي ان ڳالهه جا به امڪان ڏيکاريا ويا ته 31 مارچ تي اقوام متحده جي اجلاس ۾ ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن ۾ ملاقات به ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته مشير خارجه پاڪستان ۾ ٿيندڙ سارڪ سربراهه ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ وزيراعظم نواز شريف جو پارٽي وزيراعظم نريندر مودي کي دعوت نامو به ڏنو ويو.

تازي ٿيل ان اڳڀرائي سان اميد پيدا ٿي آهي ته پاڪستان ۽ هندستان هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين جي ميز تي ويهي بنيادي تڪراري مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪندا، جيڪو چڱو عمل آهي، پر بنيادي طور ڪشمير جي مسئلي، هندستان جي خفيه ايجنسي ”را“ جي پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ۽ وڌندڙ دهشتگردي اهم اشوز آهن، جنهن تي نتيجا خيز ڳالهين جي ضرورت آهي. هندستان ڪشمير مسئلي تي هميشه ڳالهين ڪرڻ کان لنوائيندو رهيو آهي. ساڳي طرح هو اقوام متحده جي استواب راءِ واري قرارداد تي به عمل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، جنهن سبب هميشه پاڪستان ۽ هندستان ۾ ٿيل ڳالهيون نتيجه خيز نه ٿيون آهن ته ٻئي طرف هميشه جڏهن ٻئي پاڻ ۾ ويجهڙائپ پيدا ڪندا آهن ته ڪنهن نه ڪنهن ملڪ ۾ ڪو اهڙو واقعو پيش اچي ويندو آهي، جنهن سبب اهي ڳالهيون وري ملتوي ٿي وينديون آهن.

وزيراعظم نواز شريف پاران پارٽي وزيراعظم نريندر مودي جي حلف برداري واري تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ نريندر مودي پاران لاهور جي جاتي امراءُ ۾ اچڻ سان ٻنهي ملڪن ۾ تمام بهتر تعلقاتن جو آعاز ٿي ويو هو، جنهن جي ڪجهه ڏينهن بعد پٺاڻ ڪوٽ واقعو پيش آيو، جنهن ۾ ڪيتريون معصوم انساني جانيون ضايع ٿي ويون ۽ ٻنهي ملڪن جا تعلقات هڪ ڀيرو ٻيهر خراب ٿي ويا. هندستان جي ڪجهه ڌرين ۽ پارٽين پاران پٺاڻ ڪوٽ حملي ۾ پاڪستان جي ملوث هئڻ جا الزام هنيا ويا، جڏهن ته پاڪستان ثابت ڪري ڏيکاريو ته هو ان قسم جي دهشتگردي ۾ ملوث نه آهي، ان جي برعڪس پاڪستان خود دهشتگردي جو شڪار آهي. بهرحال ديرآيد درست آيد. هڪ ڀيرو ٻيهر ٻئي ملڪ ڳالهين جي ميز تي ويهڻ لاءِ تيار ٿيا آهن. اميد ڪري سگهجي ٿي ته هن ڀيري مثبت ۽ نتيجه خيز ڳالهيون ٿينديون، جنهن سان ٻنهي ملڪن جو فائدو ٿيندو.

پاڪستان ۽ هندستان ٻنهي ملڪن جي بدقسمتي آهي جو ٻنهي ملڪن جون ڪجهه انتهاپسند ڌريون عوام جي چاهڻ جي باوجود ٻنهي ملڪن جي پاڻ ۾ سٺن ناتن کي استوار ڪرڻ ۾ راضي نه آهن. پاڪستان جي برعڪس هندستان ۾ شوسينا، وشوا هندو پرشيد ۽ خود ڀارتي جنتا پارٽي جا ليڊر پاڪستان سان بهتر تعلقات قائم ڪرڻ جا خواهشمند نه آهن. ان ڪري ئي هندستان ويندڙ پاڪستاني فنڪارن ۽ ٻين وفدن سان بدتميزي ڪرڻ، مٿن حملا ڪرڻ جيئن ڪجهه مهينا اڳ پي سي بي جي چيئرمين شهريار خان تي حملو ڪرڻ جهڙا انتهاپسنداڻا عمل ٿيندا رهيا آهن، ان جي برعڪس هندستان کان پاڪستان آيل اداڪارن رضا مراد ۽ اوم پوري جو پاڪستان ۾ انتهائي گرم جوشي سان استقبال ڪيو ويو ۽ انهن کي پاڪستان ۾ هر هنڌ وڏي عزت ڏني وئي. اهي ڳالهيون ثابت ڪن ٿيون ته پاڪستان هڪ مهذب ۽ اسلامي ملڪ آهي، جتي هر مذهب ۽ فرقي جي ماڻهو کي احترام جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو، پر هندستان ۾ پاڪستاني عملدارن، فنڪارن ۽ اداڪارن سان انتهائي ناروا سلوڪ ڪيو وڃي ٿو، جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي.

ڏٺو وڃي ته پاڪستان خود نائن اليون کانپوءِ دهشتگردي جو شڪار آهي. دهشتگرد تنظيمن پاران جيڪو جاني ۽ مالي نقصان ڪيو ويو آهي، اهو ناقابل تلافي آهي. ها آپريشن ضرب عضب کانپوءِ پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي ۾ گهٽتائي آئي آهي. هن وقت قيام امن ٻنهي ملڪن جي ضرورت آهي، ٻئي ملڪ ثقافتي لحاظ کان به گهڻن معاملن ۾ هڪجهڙا آهن، ٻنهي طرفن جو عوام به چاهي ٿو ته ٻنهي ملڪن ۾ سٺا تعلقات هجن. ان کان علاوه هن وقت ڪافي سالن بعد پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم ٽي-20 ۾ شرڪت لاءِ هندستان وئي آهي ته پوءِ هندستان کي به پنهنجي ٽيم کي پاڪستان موڪلڻ گهرجي، ان سان نفرتون گهٽبيون ۽ محبتن ۾ اضافو ٿيندو.

تازو هندستان پاران پٺاڻ ڪوٽ سانحي کانپوءِ کٽمنڊو ۾ ٿيل ٻنهي ملڪن جي وزير خارجه جي پاڻ ۾ ملاقات کي اسين خوش آمديد چئون ٿا ۽ اميد ٿا ڪريون ته ٻئي ملڪ پنهنجي ضد تان هٽي ٻنهي ملڪن جي عوام جي خواهشن موجب سمورن تڪراري مسئلن جو ڳالهين ذريعي حل ڪڍندا، جنهن سان پُرامن ايشيا جي راهه هموار ٿيندي، پر جي ٻئي ملڪ پنهنجي ضد ۽ انا جو مسئلو بڻائي مختلف معاملن تي اٽڪيل رهندا ته پوءِ امن جو خواب پورو نه ٿيندو، ان ڪري اسان اميد ٿا ڪريون ته ٻنهي پاسي جي قيادت ٻنهي ملڪن کي درپيش مسئلن جو حل ڳالهين ذريعي ڪڍندي ته جيئن خطي ۾ امن ۽ ڀائيچاري واري فضا وارو ماحول پروان چڙهي.

No comments:

Post a Comment