Thursday 28 April 2016

اسان ملڪ مان ڪرپشن ختم ڪرڻ جي لاء نڪتا آھيون:شاھ محمود قريشي

پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ غوثيه جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم شاھ محمود قريشي چيو ته مون اک کولڻ سان ئي پنهنجي گهر ۾ سنڌي ٽوپي ۽ سنڌي اجرڪ ڏٺي جنهن سان اندازو ٿيو ته اسان جا بزرگ ۽ وڏا به سنڌ ۽ سنڌين جا عاشق هئا سنڌي قوم بهادر ۽ سچي آهي منهنجو سنڌي قوم سان تعلق ريڙھ جي هڏي جيان آهي هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته مان غوثيه جماعت ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف کي هڪ ئي جماعت سمجهان ٿو منهنجا مريد سڀ پي ٽي آئي سان گڏ آهن اسان ملڪ مان ڪرپشن ختم ڪرڻ لاء سنڌ ۾ نڪتا آهيون ۽ جنهن طريقي سان سنڌ جي ماڻھن پيار ۽ محبت ڏئي جهر جهنگ ۽ هر ننڍي وڏي شهر ۾ هزارن جي تعداد ۾ گڏ ٿي آڌر ڀاء ڪيو آھي ان مان لڳي ٿو ته هتي جا ماڻھو به تبديلي چاهين ٿا ڇاڪاڻ جو ملڪ ٺھڻ کان وٺي اڄ تائين مخصوص خاندانن واري وٽي سان حڪمراني ڪري قوم ۽ ملڪ کي لٽيو آهي اهو ئي سبب  آهي جو هاڻي  عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي جيڪو تبديلي چاهي ٿو هن هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چيو ته پاناما ليڪس عوامي اشو ٿي چڪو آهي ان ڪري ان جي لپيٽ ۾ ايندڙ پاڻ کي صفائي لاء پيش ڪن ڳالھ ٻولھ دوران شاھ محمود قريشي ٻڌايو ته اسان ڪرپشن جي خلاف آهيون جنهوريت جي خلاف هر گز ناهيون حڪومت چاهي ڪنهن جي به هجي جنهوريت جو دفاع ڪنداسين پر ڪرپشن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين هن چيو ته مان وزير خارجه هئڻ ڪري ملڪي سرحدن جي صورتحال بابت پڻ با خبر آهيان ڳالھ ٻولھ دوران پي ٽي آئي جو صوبائي اڳواڻ گل محمد رند پڻ موجود هو

No comments:

Post a Comment