Wednesday 13 April 2016

حڪومت ٿر ۾ ڏڪار جو حل ناھي ڳوليو………!!!!

شھباز خان شر

حڪومت ٿر ۾ ڏڪار جو مستقل حل ناهي ڳوليو، چئن ورهين ۾ 1600 ٻار فوت ٿيا:

سنڌ حڪومت ٿرپارڪر جي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر شهر مٺي کي ئي ٿر سمجهي ٿي. ٿر ۾ ٻارڙن جي موت جو ڪارڻ صحت کاتي جي ڪارڪردگي ٻڙي برابر آهي. ورهين کان هلندڙ ڏڪار جو مستقل حل ناهي ڳوليو ويو. صحت جهڙي حساس شعبي ۾ ٿيندڙ ڪرپشن معصوم حياتيون ڳڙڪائي رهي آهي. ڏڪار بعد مذهبي جماعتن جي ٿر اچڻ سان مذهبي انتهاپسندي وڌي آهي. اهڙو اظهار سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر سونو کنگهاراڻي، ٿرپارڪر ۾ عوامي آواز جي بيورو چيف غازي خان بجير، ڊاڪٽر چندي رام شاهاڻي، سينيئر صحافي قاضي آصف، صحافي رزاق عاصي ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ڊاڪٽر سونو کنگهاراڻي چيو آهي ته ٿر جي ماڻهن کي خيرات نه بهتري گهرجي. ورهين کان هلندڙ ڏڪار جو مستقل حل ناهي ڳوليو ويو. امداد جي اوٽ ۾ مذهبي تنظيمون ٿر جي مذهبي رواداري لاءِ به خطرو بڻجي ويون آهن. پيري مريدي جو سلسلو ۽ مدرسا هن پرامن علائقي لاءِ وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيندا. هن چيو ته صحت حساس شعبي ۾ ڪرپشن انساني حياتيون ڳڙڪائي رهي آهي. سياسي ڌريون ۽ حڪمران جماعت جو ٿرين سان رويو انتهائي خراب آهي. ٽن ورهين کان ٿيندڙ اعلانن تي سنڌ سرڪار عمل ناهي ڪيو.  غازي خان بجير چيو ته 4 ورهين کان هلندڙ ڏڪار ۾ 16 سئو کان وڌيڪ ٻار خوراڪ جي کوٽ سبب اجل جو شڪار ٿيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ٿر ۾ گهربل برساتون نه پوڻ سبب وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ٿي. گذريل سال ته برساتن جي آسري ۾ موٽي آيل ماروئڙن کي واپس بئراجي علائقن ڏانهن موٽڻو پيو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ سرڪار رڳو ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر شهر مٺي کي ئي ٿر سمجهي ٿي. ٻهراڙي ڇا پر شهرن جي اسپتالن ۾ به علاج جون سهولتون موجود ناهن. ڏڪار بعد مذهبي جماعتن جي ٿر اچڻ سان مذهبي انتهاپسندي وڌي آهي. ڪرشنا مندر مٺي يا سنت نيڻو رام آشرم تي حملو ٿيڻ هن جي ڪڙي چئي سگهجي ٿو. هن اهو به چيو ته ٿرپارڪر جي مدرسن جي به رجسٽريشن ٿي ناهي. ڊاڪٽر چندي رام شاهاڻي چيو ته ٻارن ۾ وڏن جي ڀيٽ ۾ بچاءَ جي قوت گهٽ هجڻ سبب موت جو سبب بڻجي ٿو. سنڌ حڪومت جو صحت کاتو ٻيون سهولتون ته ڇا ڏيندو ڪيترن ئي اسپتالن ۾ او آر ايس جون پڙيون فراهم ڪرڻ ۾ به’ ناڪام آهي، ڇاڇري، ننگرپارڪر، مٺي ڏيپلي، ڏاهلي اسلام ڪوٽ ۾ وڌ کان وڌ ٻار ڊائريا، رت ۽ خوراڪ جي کوٽ، پيرسن، ٻار، عورتون اجل جو شڪار ٿين پيون قاضي آصف چيو ته بيورو ڪرسي ۽ سنڌ سرڪار جي بي رحمي جي انتها اها آهي ته هو بجيٽ  ته وڌائي ٿي پر ان جي نگراني  نٿي ڪري، هن وڌيڪ  چيو ته ڪاغذي ڪارروائين ۾وڏي بد ديانتي ٿي رهي آهي، شڪارپور ، جيڪب آباد جيان ٿر ۾ به مذهبي انتهائي وڌي رهي آهي، اسٽيبلشمنٽ سنڌين تي به بلوچن جيان اعتبار نٿي ڪري ان ڪري جماعت الدعويٰ جي صورت ۾ هتي ڌاريا آڻي انتهاپسندي کي وڌائي پئي، صحافي رزاق عاصي  چيو ته حڪومت جي همدردي  جو اندازو  ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته  جڏهن ٿر ۾ چوپايو مال، ماڻهو ۽ پکي اڃ مري رهيا هئا ان وقت شرجيل ميمڻ جي بنگلي جي ٻوٽن لاءِ سنڌو جو پاڻي نئين ڪوٽ مان ويندو هو انگريز دورکان وٺي گهربل برساتون نه پوڻ تي پاڻ مرادو 15 اگسٽ ايمرجنسي لڳائي امدادي ڪارروايون شروع ڪيون وينديون رهيون آهن، پ پ سرڪار چئن ورهين کان هلندڙ ڏڪار واري حالت کي منهن ڏيڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم ناهي ڪيو، ميڊيا جون رپورٽون رڪارڊ تي آهن، ته امدادي ڪڻڪ جو 50 ڪلو ۾ به مٽي ۽ ڪچرو مليل ڏنو ويو.

No comments:

Post a Comment