Sunday 17 April 2016

ٿر جي ھڪ ماءُ جو بلاول ڀٽو ڏانھن کليل خط

ٿر جي هڪ مائر جو بلاول ڀٽو ڏانهن کليل خط

shahbaz khan shar

محترم بلاول صاحب اوهان اهڙي
عظيم ماء جا فرزند آهيو جنهن رڳو پنهنجو سڄو خاندان عوام جي خاطر قربان ڪري پاڻ به دنيا جي ڊريم سٽيز جهڙوڪ دبئي ۽ لنڊن جي ڪمفورٽيبل زندگي کي ڪڪ آئوٽ ڪري پاڪستان جي مظلوم عوام جي ترجمان بڻجي کين انصاف ڏيارڻ جو علم پنهنجي هٿن ۾ کنيو ۽ پنهنجي خاندان وانگر پاڻ به روايتي شهادت جي درجي تي فائز ٿي وئي . منهنجا هي مختصر لفظ ان عظيم شخصيت جي مرتبي جي لاء ناڪافي آهن ليڪن آئون ناچيز ڪٿي ٿي ان شهيد راڻي جي عقيدت بيان ڪري سگهان . مونکي ته ٿر جي اسانجي معصوم ٻارڙن جو نوحو اوهانجي اڳيان پيش ڪرڻو آهي جنهن جي لاء لفظ ماتمي آهن ته لفظن جو رنگ غم جي علامت سمجهو ويندڙ ڪاري رنگ سان ٽائيپ ڪيل آهن . آئون اوهانکي اوهانجي پارٽي جي اڇي ڪاري جي مالڪ بڻيل انهن مانگر مڇن جي اصليت ٻدائڻ چاهيان ٿي ليڪن خوف آهي انهن ته اڳ م ئي ٿر جي مائرن کي سندس ٻارڙن جي قتل جي ايف آئي آر ۾ شامل ڪيو آهي انهي ڪري ڀيانڪ ڀڻيل هن دنيا جي ستين نمبر ريگستان جون اسان روپوش مائرون ڪٿي اشتهاري ڏوهاري نه بڻجي وڃون انڪري اوهانکي پنهنجي صفائي ۾ ڪو ثبوت ته نٿيون ڏئي سگهون نه ئي اسان وٽ ڪو شاهد آهي نه ئي اسان وٽ پنهنجي معصوم گلڙن جو پوسٽ مارٽم رپورٽون آهن جيڪي اوهانجي خدمت ۾ پيش ڪريون ڇو ته هڏن جا پڃرا پڻيل انهن معصوم فرشتن جا اک کولڻ وقت ئي پوسٽ مارٽم ٿيل هئا . ها اسان وٽ دايون ٿي سگهي ٿو اسانجي ضمانت ڏين ليڪن اهي به قتل جي بڇ ڪندڙن جي ايف آئي آر ۾ شامل آهن .ڇوته انهن جو ڏوهه اهو هو هنن اڻپڙهيل داين ويم ڇو ڪرايو ؟ سائين منهنجا صحت جون سهولتون ڏيڻ ته صحت کاتي جي ذميواري آهي هاڻي جيڪڏهن ڊسپينسرين ۾ ٻدل گڏه ۽ ماهوار منٿلي تي ويل عملو نه هوندو ته ظاهر آهي ته اسان ٻن ويلن لاء محتاج مائرون ڪٿي گائناڪالاجسٽ جو خرچ توڙي سندس نيشنل ڪمپنين سان ڪيل مهانگين دوائن جو خرچ ڪٿي ٿا برداشت ڪري سگهون ؟ انصاف ته ڏسو اسان پاڻ جيڪي فريادي جو حقدار آهيون ان حڪومت تي جنهن وٽ ڊاڪٽر عاصم لکين روپيه فيس وٺندڙ وڪيل ته آهي ليڪن اسان مسڪينن جي علاج لاء ڊاڪٽر ناهن ؟ خير آئون هاڻي اوهانکي پنهنجي ضمانت لاء پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ڏيان ٿي ليڪن انهن جي رپورٽن کي به اوهانجي سائين سرڪار قاصر بڻيل آهي اسانجي معصوم ٻارڙن جي موت جو خبرون هلائڻ تي ٿر سان تعلق رکندڙ هڪ صوبائي وزير ايترو اڳتي نڪري ويو معصوم فرشتن جي موت جي سنجيده خبرون هلائندڙ ميڊيا کي ڪاروبار جو رنگ ڏئي ڇڏيو . سائين منهنجا ان ميڊيا جو ڏوه صرف ايترو آهي انهن بي پهچ مسڪينن جون خالي ٿيندڙ جهولين کي فوڪس ڪيو هو . انهن ته لاش کڻائڻ جيترا پئسا نه هجڻ ته اوهانجي سرڪار کي سجاڳ ڪيو هو ته اوهانجي سرڪار جي وزيرن کان وٺي ڪامورن تائين جي فيميلن جي زڪام جو علاج جيڪڏهن برطانيا جي اسپتالن مان ٿي سگهي ٿو ته پو۽ هنن مسڪينن جو علاج ٿر جي اسپتالن مان ڇو نٿو ٿي سگهي ؟ بلاول صاحب آئون مسڪين اوهانجي سنڌ سرڪار موجب اهڙي معصوم ٻارڙي جي قتل ۾ ملوث آهيان جيڪو منهنجو پنهنجو رت آهي منهنجو پنهنجو لخت جگر آهي جنهن لاء 9 مهينا مون اوجاڳا برداشت ڪيا هئا اڄ اوهانجي حڪومت توڙي ٿر جي نام نهاد اين جي اوز جي لاپرواهي سبب سڄي زندگي جو غم پنهنجي اکين ۾ رکيو ويٺي هئس ته متان وري مونکي منهنجي ٻچڙي جي قاتل ڪوٺڻ ڪٿي جو انصاف آهي ؟ ها منهنجو ڏوهه اهو آهي ته آئون ان بدنصيب ٻارڙي جي ماء آهيان جنهن کي صرف وزيرن جي ڊپ مان اسپتال مان بيدخل ڪيو ويو هو متان انهن صاحبن کي منهنجي ٻارڙي جي وجود جو پتو پئجي وڃي جيڪو سندن جي حڪومت جي بدنامي جو ذريعو بڻجي متان ان ورڊ جي رجسٽر ۾ هن بدنصيب جو نالو لکجي وڃي . روز الائي ڪيترائي اسانجا ٻارڙا مٺي سول اسپتال مان ريفر ڪيا پيا وڃن متان انگن اکرن ۾ اهي شامل ٿي وڃن . بلاول صاحب حضرت عمر فاروق فرمايو ته بک جي ڪري جيڪڏهن ڪو ڪتو فرات ندي تي مري ويو آهي ان لاء آئون جوابدار آهيان ليڪن هي ڪهڙو اسلامي جهموريه پاڪستان آهي جتي اسانجي ٿڃ خوراڪ جي ڪمي جي ڪري سڪي ويون آهن جتي ايب نارمل ٻارڙن جو جنم ٿئي ٿو جن ۾ خوراڪ جي گهٽٽائي آهي . سائين منهنجا آئون مسڪين بي پهچ ماء بس درد بيان ڪيو آهي گستاخي معاف ڪجو .
فقط ٿر جي هڪ ماء

No comments:

Post a Comment