Wednesday 13 April 2016

اڪبرڪيريو جا قاتل گرفتار نہ ٿي سگھيا……!!!


چوٽيارين جي شهر ۾ هر مظلوم سان ٿيندڙ ظلم خلاف آواز جو پڙاڏو بڻجي تو ايوانن ۾ ويٺل اقتدار ڌڻين جون ننڊو بہ حرام ڪري ڇڏيون. تو ڪرپشن ڪندڙ ڪامورن کان ويندي بدامني کي بہ بند ڪرائي ڇڏيو. تو ٿاڻي اندر ٿيندر پوليس جي ڪرتوتن درتوتن تي بہ نظرِ حق رکي ڇڏي. ها اڪبر تو هميشہ قلم ذريعي سچ جي واٽ ورتي هئي. اي اڪبر تون انهن ڏتڙيل ماروماڻهن جي متاثر هجڻ بابت قلم مان نڪتل الفاظن جون اخباري سُرخيون ڀريون هيون. تڏهن تہ تنهنجي آواز کي مظلومن جو آواز سمجهيو ويندو آھي ۽ پوءِ انهي مظلومن جي آواز کي بند ڪرڻ لاءِ هٿياربندن هٿيارن جا منهن کوليا اي اڪبر تنهنجي ڇاتي گولين سان ڇني ڪئي وئي ۽ ڇوٽيارين جي چوداري آهون ۽ دانهون گونجڻ لڳيون. تہ هاڻ مظلومن جو پڙاڏو بڻجي اقتدار ڌڻين کي ڪير سجاڳ ڪندو. ڪامورن جي ڪرپشن خلاف ڪير لکندو. ٿري ماروماڻهن لاءِ متاثر هجڻ جون سُرخيون ڪير ڀريندو. ها اڪبر تو ٿوري وقت ۾ جيڪي خدمتون ڪيون اهي وسارڻ جون ڪوششون کوڙ بہ چوٽيارين جا رهواسي ڪن تہ بہ وساري ڪونہ سگهندا. اڄ بہ چوٽيارين شهر جون سوڙيون گليون ۽ گهٽيون توکي سارين ٿيون. اڄ بہ تو لاءِ هي نيڻ روئن ٿا. پر افسوس تو مظلومن جو آواز بڻجي اڀريو هئين هاڻ تنهنجو آواز ڪير بہ نٿو اٿياري. تنهنجي بي ڏوھ وهايل خون سان انصاف ڪير ڪندو. اسان آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا مان انصاف اميد ڪئي پر انهي بہ ڌيان نہ ڏنو. الله انصاف ڪندو اڪبر ڪيريو تنهنجي بي ڏوھ وهايل هر خون جي قطري قطري جو..
بس ڪجھ سٽون ارپنا ٿا ڪيون اڪبر توکي.
حیاتي ۾ مرڪون نہ ماٹي سگھیاسین،
اکین ۾ بہ ڳوڙھو نہ آٹي سگھیاسین،
ٿیو جیءُ ھر ھر اداسی م ماندو،
گلابن مان ڪنڊا نہ ڇاڻي سگھیاسین،
سبب ڇا ھیو جو وئین دور ٿی تون،
حقیقت اھیا ڪانہ جاڻي سگھیاسین،
لکھیم جیکي تولاءِ "غزل" گیت وایون،
اھي بھي نہ توڏي اماڻي سگھیاسین

No comments:

Post a Comment