Tuesday 12 April 2016

شھباز خان شر

سنڌ جي نصيب ۾ آيل هڪ وڌيڪ شهادت

شھباز خان شر

سنڌ جي قومپرست سياست جو هڪ وڌيڪ سگهارو ڪردار شفيع محمد ڪرناڻي به شهيدن جي صف ۾ شامل ٿي، اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. شهيد بشير قريشي، شهيد مقصود قريشي ۽ ٻيا به ڪيترائي قومپرست اڳواڻ گذريل ڏيڍ ڏهاڪي ۾ سنڌ کان ڌار ٿي چڪا آهن، اڄ انهن ۾ هڪ وڌيڪ شهيد جو اضافو ٿي ويو. پوري زندگي سنڌ ۽ سنڌ واسين کي ارپيندڙ سنڌ جي هن جهوني جوڳي صفت انسان کي ٺٽي ڀرسان موٽر سائيڪل تي سوار نامعلوم ماڻهن گولين جو کاڄ بڻائي، سنڌ جي هنج کي هڪ وڌيڪ حلال پٽ کان محروم ڪري ڇڏيو. شهيد شفيع ڪرناڻي جي شهادت جو ڀلي ڪهڙو به ڪارڻ هجي، پر هن جو موت سنڌ جي قومپرست سياست ۾ هڪ وڏو خال آهي، جنهن جو ڀرجڻ مشڪل آهي.

اها سنڌ جي بدقسمتي چئجي يا ڪو ڪمال جو جڏهن به سنڌ جي قومپرست سياست ۾ گرمائش اچي ٿي ۽ سنڌ متحرڪ ٿئي ٿي ته سنڌ کي ڪنهن نه ڪنهن قومپرست يا سنڌي جو لاش ملي ٿو. اسان تاريخ کان اهو سوال ڪري سگهون ٿا ته شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، بشير خان قريشي، شهيد مقصود قريشي ۽ هاڻي شفيع ڪرناڻي آخر ڪهڙو گناهه ڪيو هو، جنهن جي بدلي ۾ هنن جا رت سان لهو لهان ٿيل لاش سنڌ کي ڏنا ويا. ڏسجي ته مذڪوره سمورن شهيدن جو ڏوهه صرف اهو هو ته انهن قومي حقن ۽ عوام جي ڳالهه ڪئي. جيڪا شايد ڪن ڌرين کي پسند نه آئي ۽ هر چند سالن بعد سنڌ کي لاش جي صورت ۾ هڪ وڌيڪ شهيد جو لاش ملي ٿو. هي اهي شهيد آهن، جن هميشه ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين جي ڳالهه ڪئي. جيلن ۾ ويا، ريلن ۾ ويا پر اصولن تي سوديبازي ڪري ڪڏهن به پنهنجي عظمت ڀرئي گريبان تي داغ نه لڳرايو.

اڄ ٺٽي جي شهيدن ۽ غازين جي ڌرتي تي شفيع محمد ڪرناڻي جو لاش سنڌ واسين ۽ ٺٽي جي تاريخي ماڻهن کان اهو سوال پڇي رهيو آهي ته هن ڪهڙو گناهه ڪيو، جو هن کي گولين سان پروڻ ڪيو ويو. اڄ مڪلي جي قبرستان ۾ ستل روح به ان بي مندائتي موت تي ڏکارا هوندا. اڄ ٺٽي جي چيڪي مٽي تي هر اک اشڪبار هوندي ۽ هن مظلوميت تي پنهنجا نيڻ نماڻان ڪري، ڪنهن ڪنڊ ۾ روئيندي نظر ايندي. اڄ ڀنڀور جي جابلو پٽي جي رڻ مان به روح کي روئاريندڙ رڙيون ٻڌڻ ۾ اينديون ته هن مقدس سرزمين کي هڪ ڀيرو ٻيهر ارغونن ۽ ترخانن واري ڌرتي ڪيئن بڻايو ويو.

اهو شفيع محمد ڪرناڻي جنهن جي پوڙهي اکين ۾ نئين سنڌ جا سپنا هئا، هو نئين صبح, سنڌ جي خوشحال آئيندي جي سپنن جي آس ۾ سمهندو هو، پر هن کي ڪهڙي خبر هئي ته اربع جي شام جو ڪي ڌرتي دشمن سنڌ جي هن ٻڍڙي شير کي بيهاري گولين سان هن جي وجود کي وکيري سنڌ کي وري ماتم ڪرڻ تي مجبور ڪندا. اڄ سچ پچ ته سنڌ جو هر سينو ۽ دل اشڪبار آهي. اڄ هر فرد کي دلي صدمو پهتو آهي ته هن اوچتي موت جو ذميوار ڪير آهي.

عجيب ڳالهه اها به آهي ته سنڌ ۾ هيستائين ٿيل سمورين شهادتن ۾ ملوث ماڻهن ۽ ڌرين توڙي فردن کي ظاهر نه ڪيو ويو آهي، جي ظاهر ڪيو به ويو هوندو ته انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ نه آندو ويو آهي. شفيع محمد ڪرناڻي جي قتل ۾ ڪير ملوث آهي، ان جا پيرا ڪيڏانهن ٿا وڃن، هيستائين ان بابت پوليس به ڪجهه نه ٻڌايو آهي، جي اهو ٽارگيٽيڊ قتل آهي ته پوءِ ان ۾ ملوث ماڻهن کي هيستائين ڇو گرفتار نه ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي اها خبر پئي آهي ته هن شهادت جو ڪهڙو ڪارڻ آهي، اهي ڪهڙا حملي آور هئا، جن سنڌ جي هن ٻڍڙي قومپرست کي روڊ تي سرِعام قتل ڪري فرار ٿي ويا. هي ڪو عام قتل نه آهي، پر هي سنڌ جي وجود تي وار آهي. اها ڌرتي جنهن جي خوشين لاءِ هن پنهنجي حياتي ۽ جواني جدائي ۽ جيلن ۾ گذاري ڇڏي، ان ڌرتي جي مقدس ٺٽي ڀرسان هن جو رت هاڻو لاش ملي ٿو ۽ سنڌ سوڳ ۾ وٺجي وڃي ٿي.

وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو.

ڪي اهڙا فرد به اسان جي سماج ۾ پيدا ٿيندا آهن، جيڪي بظاهر تمام غريب هوندا آهن، پر اهي غربت جو احساس لتاڙي، ڪردار ۽ جدوجهد جي مشعل سان پاڻ کي اهڙو ته روشن مينار بنائيندا آهن، جنهن جي روشني ڌرتيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين رسندي آهي ۽ ان جي وجود جي خوشبو نسلن کي پنهنجي سرهاڻ سان سموئيندي آهي. شفيع ڪرناڻي به سنڌ جي انهن مسڪين، مظلوم ۽ پورهيت طبقي مان جنم وٺندڙ هڪ فرد هو، جنهن پنهنجي محنت، مخلصي ۽ جدوجهد سان سنڌ جي وجود جي بقا لاءِ پنهنجي حياتي ارپي ڇڏي ۽ پاڻ کي مرڻ مهل به هن ڌرتي جو حلالي پٽ بڻائي شهادت ماڻي.

هي منشي آخر مرڻو آ، ۽ ويس مٽائي ورڻو آ،

جو ٿيڻو آ سو ٿيڻو آ، هڪ پير نه پوئتي ورڻو آ،

تو مٽي کي شل مان ڏيان، اي سنڌ امان اي سنڌ امان.

ان سنڌ امڙ جي هن موڀي پٽ پنهنجي جيجل سان ڪيل پنهنجي وچن جو ورجاءُ ڪندي، پنهنجي خون سان هن ڌرتي کي ساوڪ بخشي هميشه لاءِ امر بڻجي ويو ۽ اهڙا ئي انسان هوندا آهن، جنهن تي فرد توڙي تاريخ فخر ڪندي آهي ۽ ان کي پنهنجن صفحن ۾ ماءُ جي هنج جيان لڪائي سدائين لاءِ پنهنجو ڪندي آهي. اسان کي يقين آهي ته تاريخ توڙي وقت سنڌ جي اهڙن مظلوم عاشقن جي شهادتن جو فيصلو ڪندو ته هي سوڍا پٽ آخر ڪهڙي ڏوهه ۾ بي گناهي جي موت جو شڪار ٿيا. تاريخ ضرور پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي، ڇو ته مڪلي جو قبرستان ڀنڀور جون ڀٽون ۽ ڪينجهر جون ڇوليون هن مظلوميت جي موت جون اکين ڏٺل شاهد آهن.

No comments:

Post a Comment