Wednesday 13 April 2016

سنڌھ جي معاشيات

شھباز خان شر

سنڌ جي معاشيات

سنڌ صوبو قدرتي وسيلن سان مالا مال هجڻ سبب پاڪستان جي شاهوڪار صوبي طور سڃاتو وڃي ٿو، سنڌ ۾ دنيا جو ڇهون وڏو ڪوئلي جو ذخيرو موجود آهي، تازو ئي ٿر ۾ ڪوئلي جي ذخيرن بابت دلچسپي  وڌڻ کانپوءِ ٿر ڪول لاءَ مختلف منصوبا شروع ڪيا ويا آهن. صوبي ۾ معدني وسيلن ۾ سڀ کان اهم مقام رکندڙ ڪوئلي جي وڏي مقدار ۾ موجودگي سنڌ جي خوشحالي لاءِ پٺيءَ جي ڪنڊي وارو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. ڪوئلو ملڪ ۾ توانائي، سلامتي ۽ معاشي خوشحالي لاءِ پڻ ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو.

جڏهن ته سنڌ جي معاشي بهتري لاءِ جيڪڏهن سياسي استحڪام، بهتر حڪمراني، انتظامي ڍانچي ۽ ٻين مسئلن تي ڌيان نه ڏنو ويو ته مستقبل ۾ سنڌ جي اقتصادي خوشحالي وارو خواب ساڀيان نه ٿي سگهندو. 1990ع کان آزاد خيالي پاليسي جو حصو هئڻ سبب صوبي ۾ علائقائي اڻ برابري جو تاثر اڀري رهيو آهي.

جنهن جو سبب پوئتي پيل علائقن جي ڀيٽ ۾ ڪراچي تي خرچ ٿيندڙ بجيٽ جي ٽئين حصي کان به گهٽ خرچ ڪيو وڃي ٿو،  جنهن سبب ٻهراڙي جي علائقن ۾ انتهائي گهٽ مثبت اثر ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ڪراچي ۾ خانگي سيڙپڪاري، معياري تعليم ۽ صحت تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ٿو. هتي  سرڪاري اسپتالن ۾ سنڌ جي ٻهراڙين مان ايندڙ مريضن جو وڏو تعداد نظر ايندو، جيڪي علاج لاءِ اسپتالن جي عمارتن ٻاهران رستن تي راتيون گذارڻ تي مجبور هوندا آهن.

مختلف مالي ۽ تحقيق ڪندڙ  ادارن پاران سنڌ جي ترقي بدران تباهي ڏانهن وڌڻ لاءِ مختلف تبصرا ٿيندا رهيا آهن،  انهن تبصرن موجب انتظامي گرفت جي ڪمزوري سان گڏوگڏ عوامي ڀلائي  لاءِ ڪم ڪندڙ مختلف ادارا به تعليم ۽ صحت جي مسئلن جي حل ۽ عوام جي حالت سڌارڻ ۾ ناڪام رهيا آهن، ان کان علاوه اڳوڻين حڪومتن پاران اقتصادي ۽ سماجي معيشت بابت ڪا به تحقيق نه ڪئي وئي. جڏهن ته اڳوڻين حڪومتن پاران اهم پاليسين ۽ ترقياتي پروگرامن تي ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو، جنهن سبب اهڙي قسم جي ڇپيل وسيع مواد جي کوٽ آهي.

سنڌ جي معاشي ترقي بابت ڪيتريون ئي خاميون موجود آهن، ان ۾ سڌارا آڻي پائيدار معاشي مقصدن ۾ ڪاميابي حاصل ٿي سگهي ٿي. ان ڏس ۾ گڏيل ڪوششن ۽ دلچسپي وٺندي ڊاڪٽر عشرت حسين جي سربراهي ۾ پروفيسر اعجاز  قريشي ۽ ليکڪ پاران ڪتاب لکيو پيو وڃي. اسان اميد ڪيون ٿا ته ان مقصد لاءِ اهو ڪتاب به هڪ ننڍڙي ڪوشش ثابت ٿي سگهي ٿي.

هن ڪتاب ۾ سنڌ جي معيشت  کي جامع طريقي سان مرتب ڪري، ان تي تبصرو ڪيو ويندو.  ان لاءِ درجه بندي ڪري مختلف شعبن ۾ ورهايو ويندو، جن ۾ زراعت، صنعت، توانائي، معدني وسيلا ۽ آبادي ڀلائي شامل آهن. تاريخ ۾ پهريون ڀيرو تمام گهڻي ۽ وڏي پئماني تي تحقيق ڪري سمورا انگ اکر، مواد ۽ کوجنا شامل ڪئي ويندي، جيڪا سنڌ جي انگريز دور ۽ آزادي کان پوءِ جي معيشت تي شايع ڪئي ويندي.  ان ڪتاب ۾ نه رڳو مواد ۽ انگن اکرن کي ميڙي شامل ڪيو ويندو پر خاص طور تي صوبي ۾ معاشيات جي تباهي جي سببن جو گهرائي سان جائزو ورتو ويندو. اميد ڪجي ٿي ته انهيءَ ڪتاب جي ڇپجڻ کان پوءِ مستقبل جي معاشيات جي ماهرن ۽ تحقيق ڪندڙن سميت مٿي ذڪر ڪيل سڀني لاءِ هڪ سٺي ۽ اهميت جوڳي ڄاڻ حاصل ٿيندي، جنهن ذريعي پاليسيون ٺاهيندڙ  اهڙيون پاليسيون ترتيب ڏيندا، جنهن تحت چند ماڻهن بدران سمورن سنڌ واسين کي برابري جي بنياد تي فائدا حاصل ٿيندا.

سنڌ پنجاب کان پوءِ پاڪستان جو ٻيون وڏو صوبو آهي، جنهن جي آبادي ملڪي آبادي جي 23 سيڪڙو آهي. سنڌ مان ڪراچي جي ڳرين صنعتن ۽ سنڌو درياءَ ذريعي حاصل ٿيندڙ زراعت ذريعي وڏي مقدار ۾ معاشي ڀلائي جا ڳڻ حاصل ٿين ٿا. جڏهن ته ملڪي جي ڊي پي ۾ سنڌ 33 سيڪڙو شرح مهيا ڪري ٿي، رڳو ڪراچي مان 25 سيڪڙو جي ڊي پي حاصل ٿئي ٿي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ جي معاشي ترقي ۾ ڪراچي پٺي جي ڪنڊي واري حيثيت رکي ٿي. جڏهن ته ڪراچي هميشه ڏيهي توڙي پرڏيهي سيڙپڪارن کي اهڙي ريت پاڻ ڏانهن مائل ڪيو آهي، جهڙي ان جي اهميت جي اها حامل آهي۽ انهيءَ سبب سنڌ جي ٻين علائقن ۾ شهري ۽ ٻهراڙي سيڙپڪاري رڪيل آهي. ان مان ٿرپارڪر پڻ هڪ آهي، جيڪو ملڪ جو سڀ کان گهٽ صنعتي علائقي رهيو آهي. هڪ سروي مطابق حڪمراني  ۽ وسيلن جي استعمال بابت پنجاب سنڌ کان اڳڀرو رهيو آهي، ان جي ڀيٽ ۾ صوبي ۾ عوامي مقصدن لاءِ فنڊنگ جي استعمال ۽ ڊونر خرچن بابت سنڌ ۾ شرح تمام گهٽ آهي.

سنڌ جي زراعت ذريعي ملڪ کي 23سيڪڙو اپت حاصل ٿئي ٿي، جنهن جا مکيه فصل ڪپهه، ڪڻڪ، چانور، انب، اعليٰ قسم جا فروٽ ۽ ڪمند شامل آهن. سنڌ جي زرعي زمين جو رڳو 39 سيڪڙو  آبادي جي قابل  آهي، ڇاڪاڻ ته صوبي کي  پاڻي جي کوٽ ۽ پاڻي ضايع ٿيڻ سميت ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.صوبي ۾ هڪ مضبوط زرعي معيشت ٻين شعبن تي مثبت اثر قائم ڪري سگهي ٿي، جيئن ٽيڪسٽائيل کي واپار ذريعي ٻاهر موڪلي پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو.

سنڌ ۾ شين جي پيداوار بابت روزگار  جو ڌيان، ٽيڪسٽائيل، کنڊ ۽ دواسازي جي شعبن سان رهيو آهي، جنهن تحت ڪراچي شين جي پيداواري سهوليتن جي حوالي سان ڳڙهه رهيو آهي. حيدرآباد، سکر، دادو (ڄامشورو)، گهوٽڪي ۽ نوابشاهه سميت ٻين شهرن کي پڻ صنعتي مرڪز  طور شمار ڪري سگهجي ٿو، انهن شهرن ۾ڪافي صنعتي ۽ زرعي قوت موجود آهي. جنهن ذريعي سنڌ جي معاشي اپت ۾ ڪافي اضافو ٿئي ٿو.  سنڌ کي بندرگاهن سبب تمام گهڻي اهميت حاصل رهي آهي، جڏهن ته ملڪ کان برآمد ٿيندڙ سامونڊي خوراڪ مان 48 سيڪڙو سنڌ ڏئي ٿي نه رڳو ايترو پر سنڌ گئس، پيٽرول ۽ ڪوئلي جي پيدوار سبب معدني وسيلن سان مالا مال هجڻ سبب ملڪ جو شاهوڪار صوبو آهي، جيڪو ملڪ ۾ گئس جي پيداوار ۾  70 سيڪڙو گئس مهيا ڪري ٿو. اهو چوڻ باوجود به سنڌ واسين جي سماجي اقتصادي صورتحال بهتر نه آهي. ان مان تعليم، صحت ۽ برابري جي بنياد تي آمدني نه هئڻ ان ڳالهه جو مثال آهي.

No comments:

Post a Comment