Wednesday 13 April 2016

سنڌڙي رپورٽ(شھباز خان شر)

سنڌڙي رپورٽ(شھباز خان شر)

تعليم کاتي جي نااهلي جو هڪ اهڙو مثال پهرين درجي کان اٺين ڪلاس جي شاگردن کي مفت امتحاني ڪاپيون ۽ سواليا پيپر نه ملڻ آهي.سنڌ ۾ مفت تعليم ڏيڻ لاءِ اربين روپين جي بجيٽ رکي وڃي ٿي پر اها ٺيڪ نموني خرچ نه ٿيڻ ڪري تعليم پرائيندڙ شاگردن کي پريشان ٿيڻو پئي ٿو ۽ تعليم به متاثر ٿئي ٿي.سنڌ حڪومت تعليم جي بهتري ۽ مفت علم ڏيڻ جا اعلان ته ڪري ٿي پر ڪٿي به عملي طور قدم کڏندي نظر نٿا اچن. تعليم کاتي جي نااهلي جو هڪ اهڙو مثال پهرين درجي کان  اٺين ڪلاس جي شاگردن  کي مفت امتحاني ڪاپيون ۽ سواليا پيپر نه ملڻ آهي.ميرپورخاص جي 3 هزار هڪ سئو 40 پرائمري، 71 مڊل ۽  هڪ سئو 20 ايلمينٽري اسڪولن جي 2 لک 15 هزار 3 سئو 26 شاگردن کي امتحاني ڪاپيون نه ملي سگهيون آهن.امتحاني ڪاپيون ۽ سواليا پيپر نه ملڻ ڪري شاگرد ۽ استاد پريشاني جي ور چڙهيل آهن.حڪومت جي نااهلي بابت ڳالهائيندي سنڌڙي واسين چيو ته گذريل سال کان سندن ٻارڙن کي سواليا پيپر  ۽ امتحاني ڪاپيون نه پيون ملن .....عوام
سنڌڙيجي سياسي سماجي اڳواڻن برکا نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته سرڪار مفت تعليم ڏيڻ واري اعلان تي عمل نه پئي ڪري.شاگرد

تعلقي سنڌڙ جي شهرين سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هتان جي شاگردن کي مفت تعليم ڏيڻ لاءِ  ڪيل اعلان تي عمل ڪيو وڃي ۽ فوري طور شاگردن کي امتحاني جي جواب واريون ڪاپيون ۽ سواليا پيپر ڏنا وڃن.

No comments:

Post a Comment