Wednesday 13 April 2016

پٿر حڪمران ۽ واري جھڙي عوام.

پٿرحڪمران ۽ واريءَ جھڙو عوام.
شھباز خان شر

پٿر اسان وٽ عام جام آهي ۽ وري پٿر جو استعمال به عام جام هوندو آهي اڪثر ڪري پٿر وڏي ڪم جو آهي جڏهن به ڪو مسئلو حل نه ٿئي ته پوءِ پٿر جو استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ وري پٿر مسئلي کي حل ڪرائي ڇڏيندو آهي يا مسئلي کي  اڃا به وڌائي ويهندو آهي هاڻ ته پٿر تي  اسان جا حڪمران هاڻ ڪميشن به کائڻ لڳا آهن، جڏهن ته حڪمران وري عوام کي پيٽ سان پٿر ٻڌڻ جا مشورا ڏين ٿا  ٻئي طرف اسان  وٽ اڪثر روڊ ٺاهيندڙ ٺڪيدار به پٿرن سان ايتري ته محبت ڪن ٿا جو جڏهن روڊ ٺاهڻ لاءِرستي تي پٿر وڇائيندا آهن ته انهن پٿرن مٿان ڪارپيٽ چاڙهڻ پسند نه ڪندا آهن ۽ انهن پٿرن کي ڇڏي هليا ويندا آهن جيڪي عوام جي پيرن هيٺان پيا لتاڙبا آهن لڳندو ته ائين آهي ته عوام جي پيرن هيٺيان لتاڙبا آهن پر اصل ۾ عوام جا پير پيا پٿون ٿيندا آهن شايد ان لاءِ ته عوام پنهنجن پٿر  حڪمرانن کي همشه ياد رکن خير عوام ويچارو ته هر حال ۾ کين ياد رکندو پيو اچي ڏسجي ته پٿرن جا به ڪيترائي قسم هجن ٿا ڪي ته وري گھرن ۾ استعمال ٿين ٿا ته ڪي وري گھر وارين جي هار سينگار لاءِ استعمال ٿين ٿا ، ڪي پٿر قسمت تبديل ڪرڻ واري سوچ هيٺ وڏي عقيدت سان چاندي ۾ مڙهايا وڃن ٿا ڪي ته بادشاهن جي تاجن جا سينگار رهيا آهن پٿرن ۾ ڪي وري اڻلڀ آهن ته ڪي وري ايترا جام آهن جو پيرن هيٺان پيا لتاڙجن ڪي وري مقدس مورتيون بڻيل آهن ته ڪي وري جنت جا پٿر سڏجن ٿا ….، آهن ته وري به سڀئي پٿر پر هر هڪ جو مان مرتبو الڳ آهي انهن پٿرن اڳيان ڪي وري مٿو ٽيڪين ٿا ته ڪي وري پٿر مٿن تي لڳن ٿا اهڙي نموني انسان  به پٿر هجن ٿا جئين اسان وارا حڪمران پٿر آهن مطلب پٿر ساڪت هجي ٿو هو پاڻ چري پري نٿو سگھي اهڙي نموني اسان وارا حڪمران به ساڪت آهن هي به پاڻ چري پري ڪونه ٿا سگھن پٿر کي ڪو احساس نه هوندو آهي هو ڪنهنجي مٿي تيهنيو وڃي ته هو مٿو ڦاڙڻ ۾ دير نه ڪندو آهي پر ڪي پٿر وري ڪنهن جي مٿي تي لڳن به ته مٿو نٿا ڦاڙين پر سڪو ڌڪ هڻن ٿا جنهن کي اڪثر خطرناڪ ڌڪ چيو ويندو آهي اسان وارا حڪمران به اهڙا پٿر آهن جيڪي عوام جي مٿي ۾ لڳل آهن پر عوام جو مٿو ڦاڙين نٿا سڪو ڌڪ هڻن ٿا جيڪو وڌيڪ خطرناڪ هجي ٿو اهو ئي سبب آهي مٿي سڳل عوام وري به ساڳيا ئي حڪمران چونڊيندو رهندو آهي اسان وارا حڪمران پٿر ئي صحيحي پر قسمت تبديل ڪندڙن منجھان هجن ها تهعوام جو ڀلو ٿئي ها ڀلا هارسينگار لاءِ هجن ها ته به چڱائي چئجي ها هنن ته عوام جي قسمت رلائي ڇڏي آهي ۽ سندن هار سينگار وڃائي ڇڏيا آهن اهڙو پٿر جيڪو قسمت تبديل نه ڪري سگھي رهندو هار سينگار به وڃائي ڇڏي ته اهڙي کي ڇا چئبو آهي ظاهر آهي ان کي ڀاڳ ڀلو ته نٿو چئي سگھجي! باقي ڇا آهن اُها ته ملڪ ۽ عوام جي حالت مان ئي خبر پئجي وڃي ٿي ته سندن مٿي ۾ لڳل اهو پٿر ئي آهن  جيڪي سڪي ڌڪ مثل آهن اسان جي وفاقي سرڪار جيڪا نوازليگ جي آهي اها ته ايتري ته پٿر آهي جو کين عوام هوا ۾ اڏندڙ واريءِ نظر اچي رهيو آهي سندن پاليسيون اهڙيون آهن جھڙيون پٿريون هجن سنڌ سان سندن رويو ڪاري پٿر جيان آهي وريپنجاب لاءِ مقدس مورتي بڻيل آهي سنڌ سان نوازليگ جو رويو ڪو نئون ناهي جڏهن به حڪومت ۾ ايندي آهي ته سنڌ لاءِ ڪارو پٿر بڻجي ويندي آهي پر اسان واري سائين سڳوري جي حڪومت ته سنڌ لاءِ ڇِپ وارو پٿر بڻيل آهي جنهن سڄي صوبي جو ستياناس ڪري ڇڏيو آهي وڏيرن جي ٽيڪ وارين ٿوڙين تي بيٺل سندس سرڪار عوام کي پڻ بي ساکين تي آڻي ڇڏيو آهي وڏيرڪيون اسٽيٽ ٺاهي سنڌ کي ڪيڪ جيان ڪٽي ڇڏيو آهي ٽي ايم اي سياست ڪري شهرن جي گٽرن کي به پٿرن سان ڀري ڇڏيو آهي ناقص روڊ اکڙڻ سبب سمورا رستا پٿريلا بڻيل آهن روزانو سنڌ اسيمبلي مان اهڙا ته قانون پاس ٿي رهيا آهن جو حيرت پئي اچي قانوندانن جي مٿن تي اهي قانون  پٿرن جيان لڳي رهيا هوندا تازين مڪاني چونڊن ۾ سنڌ ۾ پ پ پ جي ڪاميابي تي اسان وارا حاڪم چون ٿا ته کين ڪارڪردگي تي ووٽ مليا آهن پوءِ جي ڏسجي ته ڪراچي ، حيدرآباد ۾ ڪاردگي تي ووٽ ڇو نه مليا اتي جيڪڏهن ايم ڪيو ايم کي ڪاميابي ملي آهي ته ڇا انهن جي ڪارڪردگي بهتر آهي ، پنجاب ۾ پ پ پ جي تڏا ويڙھه ٿي وئي تنهن جي معنيٰ ته اتي نوازليگ جي ڪارڪردگي بهتر آهي اهڙي طرح خيبر پختونخواھه ۾ پي ٽي آءِ ڪامياب ٿي آهي ته اتي انهن کي به ڪارڪردگي تي ووٽ مليا آهن ته پوءِ اتي پ پ پ جي ڪارڪردگي ڪيڏانهن وئي اسان جي پٿر حڪمرانن کي ڪير سمجھائي ته اوهان جي ڪارڪردگي نه پر سرڪاري لٺ آهي اسان وارو عوام آهي ئي ويچارو ڍور ….. جنهن جي لٺ ان جا سڀ …. ٻيو ته عوام ويچارو آهي ئي واريءَ جيان جنهن تي اٺ جھاز جيان هلندا آهن باقي ٻين جا پير هلندا ئي ناهن سو اهڙي حالت ۾ پٿر وري به وزنائتو هجي ٿو جڏهن اصل ۾  جمهوريت جي اصول هيٺ طاقت جو سرچشمو عوام ئي آهي پرموجوده جمهوريت ۾ طاقت جو سرچشمو سرڪاري لٺ آهي ، عوام جو ته رڳو وڃي نالو بچيو آهي اهو به خاص ڪري غريب عوام جو نالو …..! جنهن جي نالي تي اسان وارا پٿر حڪمران اسڪيمون پاس ڪن ٿا ۽ وري گھر پنهنجا ٿا ڀرين غريب عوام جا اهي ئي ڪکاوا گھر آهن جن ۾ سج جي روشني جا ڪرڻا ئي روشني پهچائڻ جو ڪم ڪري رهيا آهن باقي سندن زندگين ۾ اها ئي اوندھه آهي ڪاش اها اوندھه اسان جي پٿر حڪمرانن کي نظر اچي پر جي نظر ايندي به ته مٿن ڪهڙو اثر پوندو ان ڪري ته هو آهن ئي پٿر …! عوام سمورين سهولتن کان محروم آهي خاص ڪري بنيادي سهولتون شامل آهن ، صحت جي حالت اِها آهي ته سرڪاري اسپتالون ڪوس گھر بڻيل آهن ڊاڪٽر خانگي اسپتالن تي پابندين سان پهچن ٿا پر سرڪاري اسپتالن ۾ مريض سندن ڏينهن جا ڏينهن انتظار ڪن ٿا ، دوائون خانگي ميڊيڪل اسٽورن تي وڪرو ٿيندي ڏٺيون وڃن ٿيون پر اسپتال جا اسٽور خالي نظر ايندا جي ڪا دوا ملندي ته اها صرف مدي خارج ئي ملندي امن وامان جي حالت اِها آهي ته علائقي ۾ بنگش جھڙو چڱو پوليس آفيسر اچي ٿو ۽ ڏوهارين خلاف ٽاڪوڙو وجھي ٿو ته ان کي برداشت نٿو ڪيو وڃي شهر توڙي ڳوٺ ننڍن وڏن چورن ، ڦورن حوالي ڪيا ويا آهن تعليم جو حشر اِهو آهي ته هٿ وٺي نااهل آفيسرن حوالي ڪري تعليم جو ٻيڙو ٻوڙي هاڻ تعليم بچائڻ لاءِ ابتي گنگا واهائي پئي وڃي اصل ڪارڻ آفيسر طبقو ۽ وزير ۽ سيڪريٽري آجا بڻيل آهن ٽاڪوڙو انهن مٿان  آهي جيڪي ڪن مهٽ سان ئي درست ٿي سگھن ٿا غلط ڀرتيون ڪرڻ وارا ذميوار آفيسر آجا آهن ڏمر هيٺين اسٽاف مٿان هجي ٿو خير تعليم جي بهتري جي نالي تي جيڪو به عمل ٿئي ٿو اسين ان جي حمايت ڪريون ٿا پر ان جي نالي تي تذليل ڪنهن به طريقي انسانيت ناهي ، ڪرپشن هن ملڪ کي ڄڻ ڏاج ۾ مليل آهي جيڪا به حڪومت اچي ٿي  اُها ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏي ٿي ۽ دنيا ۾ پنهنجي ناماچاري ڪن ٿا ته ڪرپٽ ملڪن منجھان پاڪستان به هڪ آهي ڪرپشن مٿان کان هيٺ تائين تاني ويڙهي جيان وڪوڙيل آهي پٿر حڪمرانن کان وٺي پٿريلي ڪامورن تائين ڪرپشن جي تاني ويڙهي ۾ سڀ وڪوڙيل آهن ان ڪري هن ملڪ ۾ بهتري جي ڳالھه به ائين آهي جئين ٻهاري کڻي تاني ويڙهي کي صاف ڪجي وري هٿ ٻڌي ويهي رهجي تيسيتائين وري تاني ويڙهو وڪوڙي وڃي ۽ سڀ جا سڀ وڪوڙجي وڃن اصل ۾ ان جراثيم جو خاتمو ئي نٿو ڪيو وڃي جنهن سان ڪرپشن جو مرض ختم ٿي وڃي، اِها ڳالھه به آهي ته  جي مرض ختم ٿيوبه  ته اسان وارن پٿر حڪمرانن جي حيثيت به ختم ٿي ويندي ان ڪري اهڙي علاج ڪرائڻ کان سڀ لنوائي رهيا آهن موجوده وفاقي ۽ صوبائي پٿر حڪومتن ۽ حڪمرانن جي هوندي ته علاج ممڪن ئي ناهي سو عوام ويچاري کي ڀوڳڻو ئي پوندو ان ڪري ته هو واريءَ جيان آهن جيڏانهن جي هوا اچي ٿي اوڏانهن اڏامڻ شروع ڪري ٿا ڏين باقي پٿرن لاءِ ته ڪنهن وڏي طوفان جي ضرورت آهي جيڪو هن ملڪ کي خوشحالي ڏياري سگھي ٿو ان ڪري اهو طوفان ويجھڙهائي ته ڇا پر گھڻو پري تائين به نظر نٿو اچي ان ڪري اسين وري به پٿرن تي ڪميشن وٺندڙ پٿر حڪمرانن جي ئي حڪمراني هيٺ ڀوڳيندا رهنداسين بس ايترو ٿي پوي ته حڪمران پٿر ئي ڀلي رهن پر قسمت مٽائيندڙ بڻجي پون ته اسان لاءِ وڏي نعمت هوندي پر هي پٿر ته روڊ ، رستن تي پيرن هيٺيان لتاڙجندڙ ئي آهن جيڪي کليل رکبا ته پير پٿون ڪندا يا مٿو ڦاڙيندا رهندا انهن کي ڪارپيٽ ڪري محفوظ ڪرڻ  جي ضرورت آهي ۽ اهو ڪارپيٽ ووٽ آهي ووٽ جي ذريعي جيسيتائين اسين هيٺين طبقي منجھان نمائيندا نه چونڊينڊاسين تيسيتائين اهي پٿر ائين ئي  کليل رهندا ڪڏهن پير پٿون ڪندا ته ڪڏهن مٿا ڦاڙيندا رهندا …..

No comments:

Post a Comment