Sunday 17 April 2016

تعليم ۽ سنڌھ جون سياسي ۽ سماجي تنظيمون

تعليم ۽ سنڌ جون سياسي ۽ سماجي تنظيمون

شھباز خان شر

اڄ هن جديد دور ۾ اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته تعليم نه صرف هر انسان جو بنيادي حق آهي پر تعليم انسان جي زندگي ۾ هڪ اهم ڪردار به ادا ڪري ٿي. جڏهن تعليم لفظ جو ذڪر اچي ٿو ته اڪثر ماڻهن جي ذهن ۾ تعليم صرف ڊگري حاصل ڪرڻ کي سمجھيو ويندو آهي، پر منهنجي تعليم لفظ مان مراد صرف سند حاصل ڪرڻ نه پر ان سان گڏ لازمي طور شعور حاصل ڪرڻ به آهي. دنيا اندر هر دور ۾ تعليم جون مختلف شڪليون رهيون آهن پر ان جي اهميت هميشه نمايان رهي آهي. ڪو دور هو جڏهن تعليم صرف مذهب کي پڙهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جو نالو هو پر اڳيان هلي فلسفي دنيا اندر هڪ نئون لاڙو متعارف ڪرايو جنهن مطابق شين کي سمجھڻ لاءِ سوال ڪرڻ ۽ ان تي سوچڻ کي اهميت ڏني وئي. فلسفي جي متعارف ٿيڻ کان پهرين هر مذهب ۾ صرف اها تعليم ڏني ويندي هئي ته جيڪو ڪجھ مذهبن جي پاڪ ڪتابن ۾ لکيل هو، ان تي بغير ڪجھ سوچڻ، سمجھڻ يا اختلاف ڪرڻ جي صرف ان کي ياد ڪرڻ ۽ عمل ڪرڻ گھرجي. اهڙي دور ۽ ماحول ۾ فلسفي جو نروار ٿيڻ هڪ تمام وڏي اڳڀرائي هئي، جنهن سڀ کان پهرين ته ماڻهن کي هر شيءِ متعلق سوچڻ جيئن ڪائنات جي وجود ۽ انسان جي وجود وغيره جي باري ۾ پنهنجو پاڻ کان ئي اهو سوال ڪرڻ ۽ سوچڻ ته اهو سڀ ڪجھ ڪيئن ممڪن بڻجي ٿي سگھيو وغيرهه جو گس مهيا ڪيو. حالانڪه ان ڳالهه ۾ به ڪو شڪ نه آهي ته فلسفو سو سيڪڙو سچ يا حقيقت نه هئي پر ان جو وڏي ۾ وڏو ڪمال انسان کي سوچڻ تي مجبور ڪرڻ هو. ان فلسفي جي سوچڻ جي بنياد وجھڻ کانپوءِ ئي فلسفي طرفان اٿاريل سوالن جي جواب ڳولهڻ لاءِ سائنس پير کوڙيا، جنهن کانپوءِ اڄ سائنس جي ڪري دنيا ترقي جي رستي تي گامزن آهي.

انسان جي سوچ تي هر دور ۾ پهرا لڳندا رهيا آهن پوءِ انهن جو ڪڏهن عقيدي جي بنياد تي ته ڪڏهن وري حڪمران ٽولن طرفان بندوبست ٿيندو رهندو آهي. سوچ تي پهرن لڳڻ جي ڪري ئي انسان ترقي کان ڪونهين ڏور رهڻ تي مجبور ٿيندو آهي. اڄ ان ترقي جو وڏي ۾ وڏو مثال اولهه جا ملڪ آهن جن سوچن تي لڳل پهرن کان جان ڇڏائيندي، اڳيان وڌڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جي بدولت اهي دنيا ۾ ترقي يافته بڻجي چڪا آهن. ٻئي طرف اڄ هن جديد دور ۾ به پاڪستان جهڙن پٺتي پيل ملڪن ۾ سوچ تي پهرا آهن ۽ وڏي افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اهڙن پهرن لڳائڻ لاءِ تعليم کي ئي هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي. ان جو وڏي ۾ وڏو مثال ملڪ اندر رائج تعليمي نصاب آهي جنهن ۾ ڪوڙي تاريخ ۽ ٻارڙن کي پراڻي دور جيان مجبور ڪيو وڃي ٿو ته اهي بغير ڪجھ سوچڻ جي صرف شيون رٽيندا/ياد ڪندا رهن. اهڙو نصاب پرائمري اسڪول کان ويندي يونيورسٽي سطح تائين عام ڪيل آهي. مثلن انسانيت جو اهو درس آهي ته پوري انسانيت سان محبت ڪرڻ گھرجي پر موجوده نصاب اندر پاڪستان جي پاڙيسري ملڪ هندستان جنهن جو 1947ع کان پهرين اسين حصو هئاسين کي پاڪستان جي عوام جو بدترين دشمن ڄاڻايو وڃي ٿو، جنهن سبب ٻنهي ملڪن جي عوام جي ذهنن ۾ هڪٻئي خلاف نفرت جو ٻج ڇٽيو ويو. ان کان علاوهه نصاب جي ڪتابن ۾ مسلمان پاڻ ۾ ڀائر آهن وغيرهه جهڙا جملا استعمال ڪيا وڃن ٿا جن سان مذهبي هم آهنگي بجاءِ مذهبن جي بنياد تي ماڻهن کي ورهايو وڃي ٿو. ان ڪري تعليم جو مقصد صرف سند حاصل ڪرڻ نه هجڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان نالي ماتر ملڪ جي تعليمي شرح ته وڌندي پر ملڪ اندر قابل ماڻهن جي تعداد ۾ واڌ نه ٿي سگھندي.

سنڌ اندر تعليم جي اها حالت آهي جو سنڌ حڪومت کي به مجبورن اهو مڃڻو پوي ٿو ته هزارن جي تعداد ۾ پرائمري اسڪول بند پيل آهن، ڪاليجن اندر ڪاپي ڪلچر عروج تي آهي ته يونيورسٽين ۾ وري غنڊا راڄ آهي. اهڙي ماحول ۾ جتي ڳوٺن اندر پرائمري اسڪولن جون بهترين عمارتون ته موجود هجن پر انهن ۾ نه ماستر هجن ۽ نه وري ٻار! ان صورتحال جي خبر تر جي چونڊيل ايم پي اي يا ايم اين اي کي به هجي جنهن جا ٻار دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي بهترين يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ پڙهندا هجن، جيڪو اليڪشن کان پهرين مفت تعليم ۽ علائقي جي ترقي جي ڳالهه به ڪندو رهي پر بعد ۾ ان ئي ڳوٺ يا پاسي واري ڳوٺ جي ماستر کي اهو به نه چوي ته اهو ماستر پگھار ٿو وٺي حڪومت کان ان ڪري ان کي معصوم ٻارڙن جي مستقبل سان کيڏڻ بجاءِ پنهنجو فرض نڀائڻ گھرجي، ته پوءِ اهڙي چڱي مڙس ۽ چونڊيل نمائندي کي ڇا چئجي!!!؟ پر جيڪڏهن اهڙي تعليم دشمنيءَ واري سماج ۾ جيڪڏهن هڪ معذور آسو ڪولهي به رهندڙ هجي جيڪا پني ڪري 230 ٻارڙن کي مفت تعليم ڏيڻ سان گڏوگڏ انهن کي تعليم جون ضروري شيون به مهيا ڪري ته پوءِ ڇا ان عظيم انسان آسو ڪولهي کي جھڪي سلام نه ڪجي؟ ڇا اها آسو ڪولهي جي همت سنڌ جي انهن تعليم دشمن وڏيرن، سردارن ۽ چونڊيل نمائندن جي منهن تي چماٽ نه آهي جيڪي سنڌ جي ڪروڙين معصوم ٻارڙن جي زندگين سان کيڏي رهيا آهن؟ ڇا اهڙي اڏول انسان کي ملالا يوسفزئي جيان مڃتا ۽ امن جو نوبل انعام نه ملڻ گھرجي؟ ملالا به پنهنجي زندگي جي پرواهه ڪرڻ بغير تعليم عام ڪرڻ لاءِ موت جي منهن ۾ وڃڻ لاءِ به تيار هئي. اهڙيءَ طرح آسو ڪولهي پنهنجي زندگي کي تڪليف ڏئي 230 ٻارڙن جي زندگي کي خوشحال بڻائڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهي آهي.

سنڌ حڪومت سان گڏوگڏ سنڌ جي سمورين سياسي ۽ سماجي تنظيمن کان به اهو سوال ڪرڻ غلط نه ٿيندو ته تعليم عام ۽ بهتر ڪرڻ لاءِ انهن جو ڪهڙو ڪردار رهيو آهي؟ سنڌ اندر تعليم جي بهتريءَ لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيمون (اين جي اوز) جن کي ڪروڙين رپين جا پراجيڪٽ ملن ٿا پر ان جي باوجود به اڄ تائين سنڌ اندر معياري تعليم اڻلڀ آهي. سنڌ ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جو ڪردار تمام بهتر رهيو آهي پر سنڌ حڪومت جي عمل دخل هئڻ کانپوءِ ان ۾ به رشوت ۽ پنهنجا نوازڻ سان گڏ ماسترن جي پڙهائڻ جي ڪارڪردگي تي ڪيترائي سواليه نشان اٿندا رهن ٿا. ٻئي طرف آءِ بي اي سکر آهي جنهن جو معيار تمام بهتر آهي پر ان ۾ ڪنهن غريب جي ٻار جو ڳري في هئڻ سبب پڙهڻ محال آهي. اين جي اوز طرفان کليل اسڪولن ۾ ماسترن/ماسترياڻين کي پگھار ئي ايتري ڏني ويندي آهي جو اهي پڙهائڻ ۾ دلچسپي وٺڻ کان ئي قاصر هوندا آهن. اهڙيءَ طرح ماضي ۾ سنڌ جي سياسي تنظيمن خاص طور تي قومپرست ۽ کاٻي ڌر جي پارٽين جو تعليم (شعوري تعليم) ڏيڻ جي حوالي سان تمام بهتر ڪردار رهيو آهي. کاٻي ڌر جي پارٽين ۾ ته اهو لاڙو رهيو آهي ته انهن طرفان واهڻ وستي وڃي ماڻهن کي انهن جي حقن بابت يعني سياسي ۽ شعوري تعليم ڏني ويندي آهي، ماڻهن کي پنهنجي علائقائي ٻولي يعني سنڌيءَ ۾ مواد پڙهائڻ جو بندوبست ڪيو ويندو آهي، اسٽڊي سرڪل منعقد ويندا آهن وغيرهه. اهڙي ئي ڪوشش قومپرست پارٽين طرفان به ٿيندي رهي آهي.

پاڪستان اندر جيڪي به منظم تحريڪون هليون آهن انهن ۾ کاٻي ڌرين ۽ قومپرست پارٽين جي ڳوٺ ڳوٺ وڃي ماڻهن کي شعور ڏيڻ سبب ئي ماڻهن جو وڏو تعداد اهڙين تحريڪن جو حصو بڻجندو رهيو آهي. مون کي اڄ به قومي عوامي تحريڪ جي دوستن جا اهي ڏينهن ياد آهن جڏهن اهي ميهڙ جهڙي ننڍڙي شهر ۾ ٽيوشن سينٽرن جي زريعي هر طبقي سان تعلق رکندڙ شاگردن کي انگريزي سان گڏ سياسي تعليم ڏيڻ ۽ هر هفتي مختلف ڳوٺن ۾ وڃي اتان جي هارين ۽ مزدورن کي منظم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهندا هئا. جيتوڻيڪ ٽيوشن سينٽر زريعي مفت يا گھٽ في ۾ تعليم ڏيڻ جو سلسلو اڄ به جاري آهي باقي ڳوٺن ۾ وڃي ماڻهن کي تعليم ڏيڻ واري سلسلي جي حوالي سان خاموشي آهي. اهڙيءَ طرح اڄ به حيدرآباد ڀرسان واقع هڪ ننڍي ڳوٺ پٻڻ شريف ۾ عوامي تحريڪ طرفان اسٽڊي ڪلاسن هلائڻ جو بندوبست ڪيو ويندو رهندو آهي جنهن ۾ ٻارڙن کان ويندي نوجوانن، عورتن، هارين ۽ مزدورن کي تعليم ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي. ساڳيءَ طرح هن وقت عوامي ورڪرز پارٽيءَ طرفان به سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اسٽدي ڪلاس هلايا وڃن ٿا. سنڌ يونيورسٽي اندر جيئمسٽ نظرياتي گروپ طرفان اسٽڊي سرڪل هلائڻ به تعريف جوڳو عمل آهي. انهن سمورين ڳالهين جي اهميت پنهنجي جڳهه تي ضرور آهي پر سنڌ جي هر سياسي پارٽي انهن عملن کان ٻه قدم اڃا اڳتي وڃي سگھي ٿي جيڪا تعليم جي بهتري ۾ هڪ اهم ڪوشش ثابت ٿي سگھي ٿي. ان لاءِ انهن سياسي تنظيمن کي هر ان ڳوٺ ۾ جتي انهن جا ڪارڪن موجود آهن ۾ رضاڪاراڻي طور ٻارڙن کي تعليم ڏيڻ لاءِ ڪو بندوبست ڪرڻ گھرجي. اهو ڪم ناممڪن به نه آهي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪامريڊ مائوزيتونگ ۽ ڪامريڊ فيڊل ڪاسترو جي چوڻ تي ڪارڪن ڳوٺ ڳوٺ ۽ گھر گھر وڃي رضاڪاراڻا طور تعليم ڏئي سگھن ٿا ته پوءِ سنڌ جي سياسي قيادت جنهن سان به ڪارڪن بي انتها محبت ڪن ٿا ته پوءِ اهي ڳوٺ ۾ موجود اسڪول جي عمارت ۾ يا ٻيو نه ته ڀلا وڻ جي ڇانو هيٺان ٻارڙن کي تعليم ڇو نه ٿا ڏئي سگھن؟ اهو ڪم ڏکيو ضرور آهي پر جيڪڏهن قيادت طرفان واري واري سان اهڙي ذميواري مختلف ڪارڪنن تي رکي وڃي ۽ اهڙو ڪو بندوبست ڪيو وڃي ته يقينن اهي سياسي پارٽيون عوام جون دليون کٽي سگھن ٿيون. اهو عمل حڪمران ڌرين لاءِ به يقينن تمام گھڻو نقصانڪار ثابت ٿي سگھي ٿو ۽ اڳيان هلي حڪمران ڌرين کي ان جا تمام خطرناڪ نتيجا ڀوڳڻا پئجي سگھن ٿا.

تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سڀ کان پهرين سنڌ جي باشعور ماڻهن کي موجودهه عقل کان وانجھيل نصاب کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. اها سنڌ حڪومت، اين جي اوز ۽ وس وارن جي اخلاقي ذميواري آهي ته اهي آسو ڪولهي سميت هر ان انسان جي مدد ڪن جيڪو پنهنجي قوم ۽ ڌرتي جي سلامتي ۽ خوشحاليءَ لاءِ تعليم جي زريعي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو/ٿي. ساڳيءَ طرح سنڌ جي سياسي تنظيمن کي به اين جي اوز جيان صرف فوٽو سيشن جي چڪر مان ٻاهر نڪري حقيقي معني ۾ عوام لاءِ ڪجھ ڪرڻ گھرجي. ائين جيڪڏهن هر باشعور ماڻهو تعليم جي بهتريءَ لاءِ جدوجهد کي پنهنجو فرض سمجھي، عمل ڪري ته يقينن سنڌ جي تعليم تمام بهتر ٿي سگھي ٿي ۽ سنڌ اندر ڪروڙين آسو ڪولهي جهڙا عظيم انسان به پيدا ٿي سگھن ٿا.

No comments:

Post a Comment